??ڪه مڪرمه– 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف وفد سان گڏ مسجد الحرام ۾ عمرو ادا ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??يراعظم ان موقعي تي ملڪ ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم شهباز ش??يف پنهنجي سعودي عرب جي دوري جي دوران ??ڪه مڪرمه ۾ عمري جي ادائگي جي لاءِ جده پهتو ته جده جي گورنر شهزادي سعود بن عبدالله بن جوالي ان جو جده ايئرپورٽ تي آجيان ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم پنهنجي دوري جي دوران فيوچر انويسٽمنٽ انيشيٽو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو. وزيراعظم ميان شهباز ش??يف سعودي ولي عهد وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي 25 اڪٽوبر 2022ع تي سعودي عرب جو دورو ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات