اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي وراثت کان محروم رکندڙ غلط روايتي ظلم جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، ان مقصد جي لاءِ سمورن حصيدارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ??در چيو ته اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته ڪير اسلامي قانون وراثت جي خلاف ورزي نه ڪري جهڙي نموني قرآن ۽ سنت ۽ اسان جي آئين ۾ لکيل آهي. هن چيو ته ان غلط روايتي ظلم جو خاتمو ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ عورتون وراثت کان محروم رهن?? عالم سڳورن، عدليه ۽ ميڊيا کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي مون سان گڏجي هي جنگ وڙهن. ??در عارف علوي عورتن کي وراثت ۾ حصو ڏي?? جي حوالي سان پنهنجي هڪ فيصلي جا تف??يل به شيئر ڪيا جنهن موجب ??در هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب پاران 4 ڀينرن کي وراثتي جائيداد ۾ حصو ڏي?? جي حڪمن کي برقرار رکندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته وراثتي جائيداد جي وڪري سان حاصل ٿيندڙ رقم سمورن ڀينرن ڀائرن ۾ حصي موجب ورڇ ڪئي وڃي. واضح رهي ته چار ڀينرن هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي هئي ته سندن ڀائرن فوتي والد جي جائيداد ۾ انهن جي وراثتي حق ڏ??ڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ درخواست ڪئي هئي ته انهن جو حصو انهن کي ڏياريو وڃي.
عورتن کي وراثت کان محروم رکندڙ غلط روايتي ظلم جو خاتمو ٿيڻ گهرجي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی