اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسپيشل ٽيڪ??ال??جي زونز اٿارٽي جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ اسپيشل ٽيڪ??ال??جي زونز اٿارٽي کي فعال ڪرڻ ??ي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا هڪ ه??تي جي اندر پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اسپيشل ٽيڪ??ال??جي زونز اٿارٽي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم اٿارٽي جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ موجوده وسيلن جو وڌيڪ زيان ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، باصلاحيت پاڪستاني نوجوان آءِ ٽي جي شعبي ۾ پنهنجو روزگار ڪمائي رهيا آهن، جڏهن ته لاڳاپيل اٿارٽي غيرفعال آهي. وزيراعظم اسپيشل ٽيڪ??ال??جي زونز اٿارٽي فعال ڪرڻ ??ي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، جنهن جو سربراهه ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار هوندو، جڏهن ته انفارميشن ٽيڪ??ال??جي وارو وفاقي وزير، قانون وارو وفاقي وزير، سيڙپڪاري وارو وفاقي وزير، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، سينيٽر افنان الله ۽ سي ڊي اي جو چيئرمين ڪميٽي جا ميمبر هوندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪميٽي هڪ ه??تي جي اندر اسپيشل ٽيڪ??ال??جي زونز اٿارٽي کي فعال ڪرڻ ??ي لاءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪري. اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرز کي به فوري طور تي فعال ڪيو وڃي. بورڊ آف گورنرز ۾ لاڳاپيل شعبي جي ماهرن جي موجودگي يقيني بڻائين. وزيراعظم اٿارٽي ۾ پلاٽن ۾ سيڙپڪاري بدران ان جي اصل مقصد يعني ملڪ ۾ ٽيڪ??ال??جي جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اسپيشل ٽيڪ??ال??جي زونز اٿارٽي جي سڌارن ۽ ان کي فعال ڪرڻ ??ي لاءِ قدمن ۾ وڌيڪ ڪنهن به قسم جي دير قبول نه ڪئي ويندي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي دور ۾ نوجوانن کي آءِ ٽي روانگي واپار وڌائڻ ??ي لاءِ هنر ڏيڻ جو بنياد رکيو. ڪورونا وائرس جي وبا دوران نوجوانن کي ڏنل ليپ ٽاپ سان لکين ماڻهن روزگار ڪمايو. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، چوڌري سالڪ حسين، سيد امين الحق، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، خصوصي م??دگ??ر جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي اسپيشل ٽيڪ??ال??جي زونز جي حوالي سان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اٿارٽي ۾ هن وقت 400 ڪمپنيون رجسٽرڊ آهن، جن مان 63 سيڪڙو پاڪستاني جڏهن ته باقي چين، آمريڪا، ترڪيه ۽ ٻين ملڪن سان تعلق رکن ٿيون. اجلاس کي اٿارٽي بورڊ جي گورننس ۽ مسئلن بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اٿارٽي کي فعال ۽ موثر طريقي سان ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ??ي لاءِ قدمن کي ترجيحي بنيادن تي لاڳو ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
وزيراعظم پاران اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار، ناڻي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے