اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عم??ان خان آئين، قانون ۽ عدالتي نظام جو تماشو بڻايو، هن شخص ماڻهن کي هاءِ ڪورٽ تي حملي جي لاءِ اتساهيو، عم??ان خان کي ملندڙ مهلت ٻين جوابدارن کي ڇو نه آهي؟ عدليه جو مذاق اڏائڻ وارو جاچ ادارن سان ڪهڙو تعاون ڪندو؟ پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ عوام ٽي وي اسڪرينز تي پاڪستان جي آئين، قانون ۽ عدالتي نظام جو تماشو ڏسي رهي آهي ته هڪ شخص جنهن کي عدالت گهرائي رهي آهي هو عدالت اچڻ کان انڪاري آهي، هي شخص پاڪستان جي هر عدالت ۾ گهربل آهي ??يڪ?? ڪڏهن ايمبولينس گهري ٿو ۽ ڪڏهن وهيل چيئر، ڪڏهن مهلت، هي شخص ڏوهاري آهي جنهن جي ضمانت جي پٽيشن تي ان جون پنهنجون صحيحون نه آهن ۽ هي ڏوهاري عدالت تي حملي آور آهي. هن چيو ته جيڪا سهولت عم??ان خان کي فراهم ڪئي پئي وڃي ڇا اها پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام کي به حاصل آهي؟ هن چيو ته ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته عم??ان نيازي زمان پارڪ کان عدالت نه ٿو اچي سگهي ۽ ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته هو گاڏي مان نڪري جي آڏو پيش نه ٿو ٿي سگهي، جج صاحب پنهنجي رجسٽرار کي عم??ان خان صاحب وٽ موڪلي صحيحن جي تصديق ڪرائي وٺي. هن چيو ته ڇا اها سهولت عدالت پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام کي به فراهم ڪندي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عم??ان خان سوشل ميڊيا تي ڪال ڏني ته هاءِ ڪورٽ تي حملو ڪريو، هن کي سيشن ڪورٽ گهرائي ته گار ۽ ڌمڪي ڏي ٿو. هن چيو ته اڄ جيل ڀريو تحريڪ جا نعرا هڻندڙ جعلي صحيحن جي ذريعي عدالت کان بيل وٺڻ آيو آهي، جڏهن عدالت عم??ان خان کي طلب ڪري ٿي ته هو چوي ٿو ته آئون ڪو نه ايندس، جڏهن عم??ان خان کي مهلت ڏني وڃي ٿي ته هي پاڪستان جي عوام کي عدالت تي حملي لاءِ اتساهي ٿو ته هلو هلو لاهور هاءِ ڪورٽ هلو، اهو قانون ۽ عدالتي نظام جو تماشو آهي. هن چيو ته نواز شريف جي پنهنجي حڪومت ۾ کيس جڏهن نيب جي عدالت ۾ گهرايو ويندو هو ته ڪنهن وزير کي نيب جي عدالت ۾ وڃڻ جي اجازت نه هئي، احسن اقبال صاحب کي ٻاهر روڪيو ويندو هو ??يڪ?? ان وقت گهرو وزير هو. هن چيو ته عم??ان خان عدالت جي احاطي ۾ ماڻهن کي عدالت تي حملي جي ڪال ڏني، عم??ان خان جي وڪيل جج صاحب کي چيو ته توهان عم??ان خان وٽ ماڻهو موڪليو ۽ صحيحون وٺي ڇڏي. اطلاعات واري وفاقي وزير سوال ڪيو ته سڀاڻي صبح جن جي پٽيشنون آهن، اهي پاڻ سان گڏ ماڻهو وٺي اچن ته انهن کي به عم??ان خان واري سهولت فراهم هوندي؟ انهن جي لاءِ به خاص عدالت لڳندي؟ هن چيو ته ??يڪ?? شخص عدالت آڏو پيش نه ٿو ٿئي اهو ايف آءِ اي آڏو پيش ٿيندو؟ ايف آءِ اي چئي رهي آهي ته اسان کي هن ماڻهو کان جاچ ڪرڻي آهي، ??يڪ?? ڪورٽ جي نه ٿو ٻڌي اهو ايف آءِ اي آڏو جاچ جي لاءِ پيش ٿيندو؟ عدالت عم??ان خان جي گرفتاري جو آرڊر ڇو نه ٿي ڏي؟ هن چيو ته اهي سمورا ماڻهو ??يڪ?? ايف آءِ اي، نيب، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ گهربل آهن، انهن سڀني کي به اها سهولت فراهم ڪئي وڃي جيڪا عم??ان خان کي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته نواز شريف ٽي ڀيرا جو چونڊيل وزيراعظم هو، هن ڪلثوم نواز جي بيماري دوران ٽن ڏينهن جي مهلت گهري هئي جيڪا کيس نه ڏني وئي ۽ هو اڳئين ڏينهن ٻيهر عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته هُن ڄاتو ٿي ته هي ڪوڙو ۽ سياسي انتقام جو ڪيس آهي پر هن عدالت جو مذاق نه اڏايو، جي آءِ ٽي ۾ به پيش ٿيو ۽ عدالت ۾ به پيش ٿيو. هن چيو ته شهباز شريف مُخالف ڌُر اڳواڻ هو، ٻه ڀيرا کيس گرفتار ڪيو ويو، هر ڏينهن هو عدالت ۾ پيش ٿيندو هو، هن عدالتي نظام جو مذاق نه اڏايو. هن چيو ته عم??ان خان صدر پاڪستان جي آفيس کي به سياسي اکاڙو بڻائي رکيو آهي، ??يڪ?? شخص اڄ چئي رهيو آهي ته آمريڪي سازش نه ٿي هئي، ان شخص صدر کي آمريڪي سازش جو چئي پارليامينٽ ٽوڙڻ جو چيو، عم??ان خان چاهي ٿو ته صدر چيف اليڪشن ڪمشنر به بڻجي وڃي، هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ به. هن چيو ته ??يڪ?? عدالت ۽ قانون جي ڳالهه نه ٿو مڃي اهو لاڏلو آهي ۽ ان کي اها سهولت ڇو ميسر آهي؟ هن چيو ته اڄ پاڪستان جي عوام ڏسي رهي آهي ته هڪ ڏوهاري کي بار بار آواز ڏ??ا پيا وڃن، ان جي لاءِ بار بار ڪارروائي ملتوي ڪئي پئي وڃي پر هو عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪندو رهيو. هي شخص ماڻهن کي هاءِ ڪورٽ تي حملي آور ٿيڻ جي لاءِ اتساهي رهيو آهي. هن چيو ته هن شخص جيل ڀريو تحريڪ سان جيل ڀرڻي هئي هو گاڏي مان لهي جج صاحب آڏو پيش نه ٿي رهيو آهي ته ڪٿي ان کي گرفتار نه ڪيو وڃي، ان جو وڪيل عدالت کي چئي رهيو آهي ته هو پنهنجي رجسٽرار کي عم??ان خان وٽ گاڏي ۾ موڪلي صحيحون ڪرائي وٺي ڇو ته ان سان گڏ ماڻهو وڌيڪ آهن هو عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عم??ان خان پنهنجي اقتدار دوران رياستي طاقت کي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو، اڄ هو هن ملڪ جي قانون ۽ آئين جو تماشو بڻائي رهيو آهي ۽ ڪير پڇڻ وارو نه آهي. هن چيو ته عم??ان خان جي بدنيتي مان ثابت ٿئي ٿو ته هو جاچ ۾ شامل نه ٿيندو، ڏوهاري جو ڪنڊڪٽ ثابت ڪري ٿو ته ??يڪ?? عدالت آڏو پيش نه ٿو ٿئي اهو ايف آءِ اي آڏو به پيش نه ٿيندو.
عمران خان آئين، قانون ۽ عدالتي نظام جو تماشو بڻايو، هن شخص ماڻهن کي هاءِ ڪورٽ تي حملي جي لاءِ اتساهيو، عمران خان کي ملندڙ مهلت ٻين جوابدارن کي ڇو نه آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب