اسلام آباد – 07– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ احتياطي صحت جي سهولتن جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي ض??ورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان محدود و??يل?? جي ڪري 22 ڪروڙ آبادي جي صحت جي ض??ورتن کي علاج جي طريقن سان پورو ڪرڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي سينيٽ جي ميمبرن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته احتياطي تدبيرون اختيار ڪري گهڻين بيمارين کان بچي سگهجي ٿو، احتياطي صحت جو طريقيڪار سستو آهي ۽ اهو بيمارين جو بار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان کي عوامي صحت جي شعبي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هدفن تي ٻڌل منصوبابندي ڪرڻ جي ض??ورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته احتياطي صحت ملڪي صحت جي پاليسي جي ترجيح هجڻ گهرجي، ڪجهه ملڪن احتياطي صحت تي ڌيان ۽ انساني و??يل?? جي فڪري ترقي تي سيڙپڪاري سان صحت جي شعبي ۾ زبردست بهتري آندي آهي. اجلاس کي گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن بابت پڻ ٻڌايو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته وڌندڙ گرمي پد سان بيمارين جي بار ۾ اضافي جو خدشو آهي. اجلاس ۾ عوامي صحت جي شعبي ۾ تحقيق ۽ ترقي جي لاءِ عالمي فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي ض??ورت تي زور ڏيندي چيو ويو ته ملڪي صحت جي پروگرامن ۽ اڪيڊمي جي مستقبل جي مالي ض??ورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ وسيلا متحرڪ ڪرڻ جي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ض??ورت آهي. اجلاس ۾ عوامي صحت جي لاءِ قومي منصوبو جوڙڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي ٽئين سينيٽ اجلاس جي منٽنس جي پڻ توثيق ڪئي وئي.
ملڪ ۾ احتياطي صحت جي سهولتن جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado