لاهور- 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ترڪيه جي حڪومت، قيادت ۽ عوام کي عيدال??طر جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم ترڪيه ۾ 6 فيبروري جي زلزلي جي متاثرن لاءِ به دعا ڪئي ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي دوران ترڪيه س??ن گڏ بيهڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر اردوان وزيراعظم جي عيد مبارڪ جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام لاءِ پنهنجي خصوصي ڀائراڻي جذبن ۽ پيار جو اظهار ڪيو. ترڪ صدر زلزلي دوران مشڪل جي گهڙي ?? ساڻن گڏ بيهڻ تي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پيغام ڏنو ته هو پاڪستان جي امداد کي ڪڏهن به نه وساريندا. ترڪ صدر زلزلي کانپوءِ وزيراعظم جي ترڪيه جي دوري کي به س??راهيندي چيو ته پاڪستان جيڪو قيادت جو مظاهرو ڪيو اهو سدائ??ن ياد رکنداسين. ٻنهي اڳواڻن ٻ??هي ڀائرن ملڪن وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، معيشت، غذائي تحفظ ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن سمورن اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي هڪٻئي سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو. وزيراعظم صدر اردوان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.
وزيراعظم شهباز شريف پاران ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي عيد جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ