اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آذربائيجان سان ٻطرفي سياسي لاڳاپن کي واپار ۽ سيڙپڪاري جي ٺوس رابطن ۾ تبديل ڪرڻ اسان جو هدف آهي، ت??جي??ي واپار جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ، توانائي، بئنڪاري، مالياتي خدمتن ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ آذربائيجان جي قيادت سان ڳا??هه ٻولهه ڪندس. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي هو آذربائيجان جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي، هي دورو ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ پائيدار حصيداري جي اسان جي حڪومت جي پاليسي جو حصو آهي. هن چيو ته ت??جي??ي واپاري معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ ۽ توانائي، بئنڪاري، مالياتي خدمتن ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ تعاون جون نيون راهو?? کولڻ جي لاءِ آذربائيجان جي قيادت سان اهم ڳا??هه ٻولهه ٿيندي. هن چيو ته بهترين ٻطرفي سياسي لاڳاپن کي واپار ۽ سيڙپڪاري جي ٺوس لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ اسان جو بنيادي هدف آهي. هن چيو ته اسان جي توانائي جي تحفظ جي پاليسي ۾ وچ ايشيا مرڪزي حيثيت رکي ٿو ۽ اسان پاڪستان کي توانائي جي لاءِ محفوظ بڻائڻ جي لاءِ وچ ايشيائي ملڪن سان تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.
آذربائيجان سان ٻطرفي سياسي لاڳاپن کي واپار ۽ سيڙپڪاري جي ٺوس رابطن ۾ تبديل ڪرڻ اسان جو هدف آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا