اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوا??ن جي مهارت ۽ صلاحيتن تي پڪو اعتماد جو اظهار ڪندي ??يو آهي ته نوجوان پنهنجي خداداد صلاحيتن سان سمورين رڪاوٽن کي عبور ڪري ملڪ جي خوشحال مستقبل جي راهه هموار ڪري سگهن ٿا، پاڪستان کي معاشي بحران مان نڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اهڙن پروگرامن کي فروغ ڏنو وڃي جن جو مقصد مختلف شعبن ۾ انٽر پرينيورشپ ۽ انوويشن کي فروغ ڏيڻ هجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته نيشنل انوويشن ايوارڊ اسان جي نوجوا??ن جون تخليقي صلاحيتون پيش ڪرڻ جي صلاحيت کي اڀاري ٿو جن کي موثر منصوبن ۾ آڻي سگهجي ٿو، 20 هزار درخواست ڏيندڙن مان 100 ذهين نوجوانن ۾ 16 ڪروڙ رپين جي روڪ رقم ورهائي ??ئي?? ان ۾ 20 لک رپين تائين جو ايوارڊ ڏنو ويو، جيڪو پيش ڪيل آئيڊياز جي غيرمعمولي نوعيت تي ٻڌل آهي. وزيراعظم يقين ظاهر ڪيو ته پاڪستان کي معاشي بحران مان نڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اهڙن پروگرامن کي فروغ ڏنو وڃي جن جو مقصد مختلف شعبن ۾ انٽر پرينيورشپ ۽ انوويشن کي فروغ ڏيڻ هجي جيڪو اسان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اهم آهي. شهباز شريف ??يو ته انهن کي پنهنجي باصلاحيت نوجوا??ن جي مهارت ۽ صلاحيت تي پڪو اعتماد آهي ته اهي رستي ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي عبور ڪري ملڪ جي خوشحال مستقبل جي راهه هموار ڪري سگهن ٿا، پنهنجي هوشيار نوجوانن سان ملڻ سدائين خوشي جو سبب بڻجي ٿو.
نوجوان پنهنجي خداداد صلاحيتن سان سمورين رڪاوٽن کي عبور ڪري ملڪ جي خوشحال مستقبل جي راهه هموار ڪري سگهن ٿا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea