اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نائنٿ ايونيو ۽ خيابان ??قبال جي سنگم شاهين چوڪ تي فلائي اوور جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. ان ??لسلي ۾ هڪ خصوصي تق??يب ۾ وزيراعظم فلائي اوور جي پيڙهه جو پٿر رکيو. تق??يب ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ حنيف عباسي، سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ۽ راولپنڊي، اسلام آباد سان ??علق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. سي ڊي اي چيئرمين وزيراعظم کي منصوبي بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ٽريفڪ جي رواني ۾ آساني ٿيندي ۽ شاهين چوڪ هڪ سگنل فري چوڪ بڻجندو، منصوبي تي 2 ارب لاڳت ايندي. شروعاتي طور تي ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جو مدو 8 مهينا مقرر ڪيو ويو هو پر وزيراعظم جي هدايت تي ان کي 3 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. شاهين چوڪ فلائي اوور، اليونٿ ايونيو، مارگلا ايونيو، نائنٿ ايونيو ۽ سري نگر هاءِ کي پاڻ ۾ ڳنڍيندو.
وزيراعظم نائنٿ ايونيو ۽ خيابان اقبال جي سنگم شاهين چوڪ تي فلائي اوور جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil