اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت جي وزير ميان عبدالوحيد ايڊووڪيٽ چيو آهي ته اسا?? جي بز??گن ڊوگره راڄ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري آزادي جي بيس ڪئمپ جو بنياد رکيو، آزاد ڪشمير جو يوم تاسيس عظيم شهيد?? جي قربانين جو ثمر آهي، قابض ڀارتي فوج آڏو شيهي جي ديوار پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن عوام کي آزاد ڪشمير جي 76 هين يوم تاسيس جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته رياست جي بيس ڪئمپ ۾ آزاد حڪومت جي قيام جو مقصد ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچائڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽرز آٺ مقام ۾ آزاد ڪشمير جي 76 هين يوم تاسيس جي تقريب ۾ خ??ص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسا?? جي بز??گن آزاد ڪشمير جي بنا ڪنهن هٿيار?? جي آزاد ڪرايو، آزاد ڪشمير حڪومت جي اولين ترجيح ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ آهي، آزاد ڪشمير جي عوام والاريل ڪشمير ڀائرن سان گڏ پُوري سگهه سان بيٺل آ??ي.
اسان جي بزرگن ڊوگره راڄ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري آزادي جي بيس ڪئمپ جو بنياد رکيو: ميان عبدالوحيد ايڊووڪيٽ
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا