اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گوادر بندرگاهه ويجهي مستقبل ۾ سامونڊي رستي سان و??پار جو هڪ وڏو مرڪز هوندو، حڪومت گوادر بندرگاهه ۾ صنعتون قائم ڪرڻ ۽ صنعتي علائقن سان مواصلاتي رابطن جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گوادر جي مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي گوادر بندرگاهه جي ترقي جي لاءِ اهميت رکي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان گوادر شپنگ ڪليئرنگ ايجنٽس ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ گوادر شپنگ ڪليئرنگ ايجنٽس ايسوسيئيشن جو صدر عبدالرحيم ظفر?? سيڪريٽري جنرل حميد بلوچ ۽ فيصل دشتي شامل هئا. ملاقات ۾ وفد نگران و??يراعظم کي درخواست ڪئي ته گوادر بندرگاهه کي مڪمل فعال بڻائڻ جي لاءِ شروعاتي طور تي سرڪاري ڪارگو جو ??جه?? حصو گوادر بندرگاهه تان پاڪستان درآمد ڪيو وڃي. نگران و??يراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ان حوالي سان هڪ ٺوس رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران و??يراعطم چيو ته گوادر بندرگاهه ويجهي مستقبل ۾ سامونڊي رستي سان و??پار جو مرڪز هوندو، حڪومت گوادر بندرگاهه ۾ صنعتون قائم ڪرڻ ۽ صنعتي علائقن سان مواصلاتي رابطن جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گوادر جي مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي سي پيڪ جي ان اهم بندرگاهه جي ترقي جي لاءِ اهميت رکي ٿي. هن چيو ته حڪومت جي ترجيح آهي ته گوادر ۾ فشريز جي صنعت کي جدت ڏني ??ڃي، گوادر ۾ مُهاڻن کي جديد مشينري، ٻيڙين ۾ انجڻ ۽ نيويگيشن اوزارن ۽ عالمي سطح تي لاڳو معيار موجب مڇيءَ جهلڻ جي طريقيڪار جي لاءِ پيشيواراڻي تربيت ڏني ??ئي وڃي، گوادر تان فشريز جي شعبي ۾ برآمدات جي وسيع صلاحيت مان ڀرپور فائدو کنيو ويندو. وفد نگران و??يراعظم کي شپنگ ڪليئرنگ ايجنٽس جي مسئلن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. نگران و??يراعظم وفد کي انهن جي مسئلن جي ترجيحي بنيادن تي حل جي خاطري ڪرائي. وفد نگران و??يراعظم کي گوادر ۾ مُهاڻن جي مسئلن بابت پڻ آگاهه ڪيو. وفد حڪومت جي مُهاڻن کي روزگار جي فراهمي، پيشيواراڻي تربيت ۽ گوادر جي مجموعي طور تي مسئلن جي حل لاءِ قدمن کي ساراهيو.
گوادر بندرگاهه ويجهي مستقبل ۾ سامونڊي رستي سان واپار جو هڪ وڏو مرڪز هوندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena