اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب ٻنهي ڀائر ملڪ?? جي گڏيل فائدي جي لاءِ مضبوط حصيداري قائم ڪرڻ ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اها ڳالهه صدر آصف علي زرداري ۽ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٿي. سعودي پرڏيهي وزير ايوان صدر ۾ هڪ اعليٰ اختياراتي وفد سان گڏ صدر سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سعودي وفد ۾ پاڻي ۽ زراعت وارو سعودي وزير، صنعت ۽ معدني ??سيلن وارو سعودي وزير، سيڙپڪاري وارو خصوصي وزير، سعودي خصوصي ڪميٽي جو سربراهه ۽ توانائي واري وزارت ۽ سعودي پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ جا اعليٰ عملدار شامل هئا. پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم ۽ پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار به ملاقات ۾ شريڪ هئا. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڏهاڪا پراڻا لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان موجوده لاڳاپن کي ڊگهي مدي واري تزويراتي ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني ??ڌي ته پاڪستا?? جي حڪومت ۽ عوام خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جو انتهائي احترام ڪري ٿي ۽ سعودي عرب سان گڏ بيٺل هوندي. صدر چيو ته اسلامي دنيا جي خوشحالي سعودي عرب جي ترقي سان واڳيل آهي. هن سعودي ولي عهد ۽ سعودي عرب جي وزيراعظم شهزاده محمد بن سلما?? جي جرئتمنداڻي ۽ دُورانديش قيادت ۽ ويزن 2030ع تحت ٿيندڙ ذڪر جوڳي اڳڀرائي کي ساراهيو. ان موقعي تي سعودي پرڏيهي وزير چيو ته سعودي عرب پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ پاڪستان سان مضبوط حصيداري جي لاءِ پرعزم آهي. هن ان ڳالهه تي روشني ??ڌي ته ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا آهن ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هڪ ٻئي جي مدد ڪندا آيا آهن. هن سعودي عرب جي ترقي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني?? جي ڪردار کي ساراهيو. هن سعودي قيادت پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سعودي عرب جي لاءِ پاڪستا?? جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي ڌرين علائقائي حرڪيات ۽ وچ اوڀر جي تازي اڳڀرائي تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ غزه ۾ اسرائيلي ظلم بند ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي پاران ٻطرفي اهميت جي معاملن ۽ مسلمان امت کي درپيش چئلينجن تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ٿي. صدر آصف علي زرداري خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.
پاڪستان ۽ سعودي عرب پاران گڏيل فائدي جي لاءِ مضبوط حصيداري قائم ڪرڻ ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز