اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي عرب مشڪل وقت ۾ سدائين پاڪس??ان جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪس??ان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، سعودي پرڏيهي وزير جي قيادت ۾ وفد جو دورو پاڪ سعوديه اسٽريٽجڪ ۽ واپاري حصيداري جي نئين دور جي شروعات آهي جڏهن ته سعودي پرڏيهي وزير فيصل فرحان السعود پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ واپاري ۽ سيڙپڪ??ري?? حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ سعودي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود جي قيادت ۾ سعودي وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سعودي وفد ۾ سيڙپڪاري وارو نائب وزير انجنيئر ابراهيم بن يوسف المبارڪ، ماحوليات، پاڻي وسيلن ۽ زراعت وارو سعودي وزير انجنيئر عبدالرحمان بن عبدالامحسن آلفضلي، صنعت ۽ معدني وسيلن وارو سعودي وزير انجنيئر بندر بن ابراهيم بن عبدالله آلخريف ۽ اعليٰ سعودي عملدار ۽ سفارتي اهلڪار شامل هئا جڏهن ته ملاقات ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، سيد محسن رضا نقوي، ??ام ڪمال خان، راڻا تنوير حسين، عبدالعليم خان، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغ??ري?? ڊپٽي چيئرمين پلاننگ محمد جهانزيب خان، قومي اسيمبلي ميمبر رومينه خورشيد عالم ۽ حڪومتي عملدار پڻ شامل هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم وفد ج?? پاڪس??ان اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ سعودي قيادت، خادم الحرمين شريفين سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ شهزاده محمد بن سلمان آل سعود جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. ملاقات ۾ وزيراعظم سعودي وفد ک?? پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وزيراعظم سعودي عرب سان پاڪس??ان جي پراڻي ڀائراڻن، اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود پاڪس??ان سعوديه لاڳاپن جي مضبوطي، واپاري ۽ سيڙپڪاري حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ سعودي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم وفد کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۽ ان جي جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ سمورن ادارن جي تعاون ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير جي اهم ڪردار تي پڻ روشني وڌي. ملاقات ۾ فلسطين جي والاريل علائقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ک?? پاڪس??ان جي دوري جي دعوت جو پيغام ڏنو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جنهن جو مثال نٿو ملي. سعودي عرب مشڪل وقت ۾ سدائين پاڪس??ان جو ساٿ ڏنو. مڪه ۾ هن مهيني سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان پنهنجي شاندار ۽ مفيد ملاقات جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته سندس دوري جي فوري پوءِ سعودي پرڏيهي وزير جي قيادت ۾ سعودي وفد جو پاڪس??ان جو دورو خوش آئنده آهي ۽ ان سان گڏيل طور تي مفيد اقتصادي تعاون جي خصوصي حوالي سان ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ٻنهي ملڪن جي پختي عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ڌرين کي نئين انتظام تحت پاڪس??ان ۾ سعودي سيرپڪاري جي لاءِ پهرين مرحلي کي تيز ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪس??ان جو دورو سعوديه اسٽريٽجڪ واپاري حصيداري جي نئين دور جي شروعات آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. پاڪس??ان ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڀائر ملڪن سان حصيداري کي گڏيل طور تي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. پاڪس??ان سعودي عرب پاران سيڙپڪاري وڌائڻ تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ج?? پاڪس??ان جي دوري جي منتظر آهي. ان موقعي تي وفد وزيراعظم جا پاڪس??ان پاران شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. سعودي وفد جو پاڪس??ان جو دورو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تازي سعودي عرب جي دوري جي ڏس ۾ ٿي رهيو آهي.
سعودي عرب مشڪل وقت ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔