اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر ابرا??يم رئيسي سان فارسيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ايراني شاعرن جي پاڪستان جي حوالي سان فارشي شعر پڻ پڙهيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري ت?? فارسي زبان ۾ آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته چشمِ ماه روشن دلِ ماشاد، توهان کي ڏسي اسان جون اکيون ٿڌيون ٿيون ۽ دل خوش ٿي. وزيراعظم ايراني صدر کي علامه تقي بهار جي پاڪستان بابت فارسي ۾ ڪلام ”درود بر پاڪستان“ پڻ پڙهي ٻڌايو. ”هميشه لطف خداباد ??ار?? پاڪستان، به ڪين مباد فلڪ باد??ار?? پاڪستان“ پاڪستان تي الله جو سدائين فضل ۽ ڪرم جاري رهي ۽ آسمان پاڪستان کان ڪڏهن به ??اراض نه ٿئي. وزيراعظم ايراني صدر سان ڳالهه ٻولهه ۾ فارسيء?? ۾ ??عر پڻ پڙهيو جنهن ۾ ان جي پاڪستان جي دوري جي ڀرپور آجيان ۽ کيس بار بار پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم ج?? فارسي ۾ ڳالهه ٻولهه تي شرڪت ڪندڙن جي چهرن تي مسڪراٽ اچي وئي. ايراني صدر ۽ وفد وزيراعظم ج?? فارسي زبان تي عبور ڏسي خوشگوار حيرت ۾ مبتلا ٿي ويا. وزيراعظم ج?? فارسي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ شعر ٻڌي شرڪت ڪندڙ داد ڏيڻ کانسواءِ رهي سگهيا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي سان فارسيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل