شينزن – 05 – جون (اي پي پي) چيني ڪمپني ٽرانشيئن هو??ڊنگ پاڪستان ۾ پنهنجي موبا??يل ٺاهڻ جي يونٽ ۾ سيڙپڪاري ۾ سگهه ۽ چئن شعبن موبا??يل فونز جي تياري، اليڪٽرڪ بائيڪس، جديد زراعت ۽ فِن ٽيڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ??هي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته حڪومت غيرملڪي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي، ٽرانشيئن هو??ڊنگز پاڪستان ۾ مقامي سطح تي شيون تيار ڪري انهن کي پاڪستان مان ٻاهرئين ملڪ برآمدات ڪري. هن اهڙن خيالن جو اظهار چيني ڪمپني ٽرانشيئن هو??ڊنگز جي باني ۽ چيئرمين زو زائو جيانگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عبدالعليم خان، ڄام ڪمال خان، عطاءُ الله تارڙ ۽ مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ موجود هئا. وزيراعظم وفاقي وزيرن ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير کي ٽرانشيئن هو??ڊنگز سان گڏجي جلد هڪ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستا?? وٽ هر قسم جا وسيلا آهن، اسان جي سڀ کان وڏي طاقت اسان جي نوجوان افرادي قوت آهي. ملاقات ۾ ترانشيئن هو??ڊنگز جي چيئرمين وزيراعظم کي ڪمپني جي پاڪستان ۾ موجوده آپريشنز، عالمي سطح تي ان جي برآمدات ۽ پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي منصوبن کان آگاهه ڪيو. چيئرمين ترانشيئن هو??ڊنگز وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪمپني جو پاڪستان ۾ موبا??يل فونز جي تياري جي حوالي سان اڳ ۾ ئي هڪ يونٽ قائم ??هي جنهن ۾ 5 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين کي روزگار فراهم ڪيو ويو آهي. ڪمپني پاڪستان ۾ موبا??يل فونز جي حوالي سان پنهنجي سيڙپڪاري ۾ سگهه ۾ گهري دلچسپي رکي ٿي جنهن سان موبا??يل فونز جي تياري کانپوءِ پاڪستان مان انهن جي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو.
چيني ڪمپني ٽرانشيئن هولڊنگ پاران پاڪستان ۾ پنهنجي موبائيل ٺاهڻ جي يونٽ ۾ سيڙپڪاري ۾ سگهه ۽ چئن شعبن موبائيل فونز جي تياري، اليڪٽرڪ بائيڪس، جديد زراعت ۽ فِن ٽيڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز