اسلام آباد -06 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ، نشريات ۽ قومي ورثي ?? ثقافت واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته اڄ ارب پتي سيرپڪارن جي گڏجاڻي ۾ پراڻي ٽيپ هلائي وئي ۽ ٽڪرائن سان ڀرپور تقريرون ڏسڻ لاءِ مليون، هي ماضي ۾ اقتدار جي ڪرسي سان ڀرپور لطف انداوز ٿيندا رهيا آهن، وزيراعظم، پيٽروليم وزير ۽ ناڻي وارو وزير رهندڙ ا?? ڪيل اعلانن تي اقتدار جي عهدن تي رهندي عمل ڇو نه ڪري سگهيا؟ عوام پا??ست??ن پارٽي تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته ٽڪرائن سان ڀرپور تقريرون ڪندڙ ماضي ۾ اقتدار جي ڪرسي مان ڀرپور لطف اندوز ٿيندا رهيا، عوام سوال ڪري ٿو ته جڏهن ملڪ جي سڀ کان وڏي ڪرسي تي ويٺل هئا، تڏهن اوهان ڇو خاموش هئا؟ وزيراعظم، پيٽروليم وزير، ناڻي وارو وزير رهندڙ ا?? ڪيل اعلانن تي اقتدار جي عهدن تي رهندي عمل ڇو نه ڪري سگهيا؟ هن چيو تهجن ماڻهن ۾ وفا جهڙي صفت نه هجي، اهي اقتدار جي سياست ڇا ڪندا؟ هن چيو ته هڪ پاسي چون ٿا ته اقتدار اسان جي منزل ناهي ۽ گڏوگڏ پاڻ کي مسيحا به قرار ڏين ٿا. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جڏهن جڏهن اقتد??ر ۾ آئي ان عوام جي معيار زندگي ۽ ملڪي ترقي ۾ نمايان ڪاميابيون حاص?? ڪيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس ڪابينه ڏينهن رات پا??ست??ن کي معاشي ميدان ۾ اڀرندڙ ملڪ بڻائڻ لاءِ پنهنجو حصو وجهي رهيا آهن.
اڄ ارب پتي سيڙپڪارن جي ميڙ ۾ پراڻي ٽيپ هلائي وئي ۽ ٽڪرائن سان ڀرپور تقريرون ڏسڻ لاءِ مليون: سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن