راولپنڊي-10 جولاءِ (اي پي پي) دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان پاڪ – آ??ري??ا انفينٽري رائفل ڪمپني مشق 2024ع پڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي پيشيوراڻي فوج جي انفينٽري رائفل ڪمپني جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز موجب پاڪ – آ??ري??ا انفينٽري رائفل ڪمپني مشق 2024ع جي پڄاڻي واري تق??يب نيشنل ڪ??ئو??ٽر ٽيررازم سينٽر پبي ۾ منعقد ٿي. پاڪستان ۽ آ??ري??ا وچ ۾ ”انفينٽري رائفل ڪمپني مشق 2024ع“ پهريون ڀيرو دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ منعقد ڪئي وئي. ٻن هفتن تي ٻڌل مشقون 29 جون 2024ع تي نيشنل ڪ??ئو??ٽر ٽيررازم سينٽر (اين سي ٽي سي) پبي ۾ شروع ٿيون. ٻنهي پيشيوراڻي فوجن مان هر هڪ ڪمپني جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو. جنرل آفيسر ڪمانڊنگ 17 ڊويزن پڄاڻي واري تق??يب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. آ??ري??ي فوج جي 34 انفينٽري ڊويزن جي ڪمانڊنگ جنرل ميجر جنرل چارلس جي ڪيمپر به پڄاڻي واري تق??يب ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن مشقن دوران پيشيوراڻي مهارتن جي اعليٰ ترين م??يا?? جو مظاهرو ڪيو. انفينٽري رائفل ڪمپني ايڪسچينج جو مقصد مشقن جي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ کانسواءِ ٻنهي ملڪن کي درپيش دهشتگردي جي دائمي خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اهم دهشتگردي جي خاتمي جي تجربن جي ڏي وٺ ڪرڻ هو. ان دائري ڪار ۾ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي مهارت حاصل ڪرڻ کانسواءِ اربن وار فيئر ۾ شامل مارڪ مين شپ جي مهارت سان گڏوگڏ فني مهارتن کي حاصل ڪرڻ تي به زور ڀريو ويو.
دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان پاڪ – آمريڪا انفينٽري رائفل ڪمپني مشق 2024ع پڄاڻي تي پهتي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر