اسلام آباد – 30 جو??اء?? (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ??ان دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪالٽ لينڊ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺ??ئڻ سميت گڏيل دلسچپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته دولت مشترڪه عالمي شراڪتداري کي هٿي وٺ??ئڻ جو اهم فورم آهي، ميمبر ملڪن پارلياماني اقتصادي ۽ سماجي شعبن م سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن. پارليامينٽ کي وڌيڪ فعال بڻ??ئڻ ??اء?? اسپيڪر طور ڪيترائي قدم کنيا، قانونسازي ۾ سپورٽ ??اء?? ليجسليٽو ڊرافٽنگ ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو. هن چيو ته پارلياماني فرينڊشپ گروپس، ايس ڊي جيز ٽاسڪ فورس، ٻارن ??اء?? انٽرنشپ پروگرام انهن قدمن جو حصو آهن. ملاقات ۾ مصنوعي ذهانت خاص ڪري قانونسازي جي شعبي ۾ ان جي استعمال جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن دولت مشترڪه جي قانونسازي جي شعبي ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال جي حوالي سان قدمن خاص ڪري دولت مشترڪه جي آرٽيفيشل انٽيليجنس اڪيڊميءَ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سيڪريٽري جنرل دولت مشترڪه جون دولت مشترڪه ۾ شامل ملڪن ۾ سهڪار کي هٿي وٺ??ئڻ ??اء?? ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. ان موقعي تي دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل شاندار آجيان ۽ مهمان نوازي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو ٿورو مڃيندي چيو ته پاڪستان دولت مشترڪه کي هميشه اهميت ڏني آهي. عالمي مسئلن جي حل ??اء?? دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن وچ ۾ ويجهو سهڪار وقت جي ضرورت آهي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ۾ موجود پارلياماني فورمز جي سربراهن، اسيمبلي ميمبرن ۽ پرائم منسٽر يوٿ پروگرام جي سربراهه به شرڪت ڪئي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر