اس??ام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقويءَ شهرين کي عالمي معيار جون تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اس??ام آباد ۾ 200 ايڪڙن تي سڀ کان وڏي ماحول دوست چڙيا گهر ۽ سف??ري پارڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. مجموعي طور تي 5 هزار جانور، پکي چڙيا گهر ۽ سف??ري پارڪ ۾ رکيا ويندا. گهرو وزير جي صدارت هيٺ سي ڊي اي هيڊ ڪوارٽر ۾ اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ چڙيا گهر ۽ سف??ري پارڪ ٺاهڻ جي حوالي سان تجويزن جو جائزو ورتو ويو. سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا چڙيا گهر ۽ سف??ري پارڪ ٺاهڻ و??ري پراجيڪٽ جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌا??و ته پهرين مرحلي ۾ 2 هزار جانور ۽ پکي رکيا ويندا. گهرو وزير محسن نقوي چڙيا گهر ۽ سف??ري پارڪ جي ورلڊ ايسوسيئيشن آف زو اينڊ ايڪوريم کان رجسٽريشن ڪرائڻ ۽ منصوبي سان سلهاڙيل معاملا جلد طئي ڪرڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته سمورن معاملن کي حتمي شڪل ڏني وڃي. آڪٽوبر ۾ چڙيا گهر ۽ سف??ري پارڪ جو بنياد رکيو ويندو. چڙيا گهر ۽ سف??ري پارڪ سان اس??ام آباد جي سياحت ۾ اضافو ٿيندو.
گهرو وزير محسن نقويءَ پاران اسلام آباد ۾ 200 ايڪڙ ايراضي تي چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ ٺاهڻ جي منظوري
مضمون کا ماخذ : apostas quina