ڪراچي – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ ??رع?? روانگي واپار ۾ اضافي جا وسيع موقعا موجود آهن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق ۽ ترقي جي ذريعي روانگي واپار ۾ اضافو ممڪن آهي، پاڪستان حڪومت آبادگارن ۽ برآمد ڪندڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ??رع?? شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو آهي، ايندڙ سال جي لاءِ ??رع?? روانگي واپار جو هدف 7 ارب ڊالر هجڻ گهرجي، هر سال هڪ هزار گريجوئيٽس کي ??رع?? تربيت جي لاءِ چين موڪليو ويندو، ارشد نديم اولمپڪس ۾ سون جو تمغو کٽي ملڪ جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو، وطن واپسي تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻي عالمي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، واپارو وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير ??سي??، مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، جهاز راني ۽ بندرگاهن وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي پڻ موجود هئا. وزيراعظم تقريب کي خطاب جي شروع ۾ ارشد نديم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسان پنهنجي هيرو ارشد نديم کي اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، 40 سالن کانپوءِ پاڪستان سون جو تمغو حاصل ڪيو آهي، هي اسان جي لاءِ هڪ انتهائي اهم لمحو ۽ وڏو اعزاز آهي، ارشد نديم سون جو تمغو حاصل ڪري پاڪستان جي لاءِ تمام وڏو تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي ۽ ملڪ جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو آ??ي. ??سان کي هاڻي ڪرڪيٽ ۽ هاڪيءَ سميت ٻين راندين ۾ پڻ ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي، ارشد نديم جي ڪاميابي تي الله تعاليٰ جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. ان جي ڪاميابي سان اسان کي هڪ اميد ۽ حوصلو مليو آهي، زندگي چئلينجن سان ڀرپور آهي پر جيڪڏهن اسان همت ڪريون ته ڪجهه به ناممڪن نه آ??ي. ??رشد نديم جو پاڪستان اچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويندو. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان جي ??رع?? مصنوعات جو روانگي واپار 3 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي، ايندڙ سال جي لاءِ ??رع?? روانگي واپار جو هدف 7 ارب ڊالر هجڻ گهرجي، پاڪستان ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي، روانگي واپار جي اضافي تي برآمد ڪندڙن ۽ لاڳاپيل عملدارن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، اسان کي پنهنجي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي کي يقيني بڻائڻو آهي ۽ ان جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ طريقن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ??رع?? شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو آهي، ??رع?? ماهرن جي خدمتن سان ??رع?? پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ طرف ڌيان وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، جديد ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق ۽ ترقي جي ذريعي روانگي واپار ۾ اضافو ممڪن آهي، پاڪستان ۾ ??رع?? روانگي واپار ۾ اضافي جا وسيع موقعا موجود آهن، اسان کي ??رع?? مصنوعات جي ويليو ايڊيشن طرف وڃڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن لاءِ ڳوٺاڻي علائقن ۾ قرضن جي فراهمي وڌائڻ جي ضرورت آ??ي. ??سان جا ڳوٺاڻا علائقا ترقي ڪندا ته ان سان ملڪ ترقي ڪندو، جديد ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ ترقي جي ذريعي روانگي واپار ۾ اضافو ممڪن آهي. چين ??رع?? شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪري ترقي جون منزلون طئي ڪيون آهن. پاڪستان حڪومت برآمد ڪندڙن ۽ آبادگارن کي هر قسم جو تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. ڳوٺاڻي علائقن ۾ آبادگارن کي قرضن جي فراهمي سان پيداوار ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته چين جي دوري دوران مون جديد ترين مرڪز جو دورو ڪيو، جتي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ئي ترقي کي يقيني بڻايو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت ??رع?? شعبي جي ترقي جي لاءِ ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آ??ي. ??لوچستان ۾ بجلي تي هلندڙ 28 هزار ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. وفاقي حڪومت هڪ هزار شاگردن کي جديد ??رع?? تربيت جي لاءِ چين موڪليندي. حڪومت آبادگارن ۽ برآمد ڪندڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آ??ي. ??انورن جي نشونما جي شعبي ۾ به چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا سعودي عرب، يو اي اي، قطر، ڪويت ۽ ترڪيه سان منفرد لاڳاپا آهن. نار ملڪن سان نه رڳو روانگي واپار، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏئي سگهون ٿا پر گڏيل ??رع?? منصوبا شروع ڪري سگهجن ٿا. جيڪڏهن اسان محنت ڪريون ته هر مشڪل آسان ٿي سگهي ٿي. بعد ۾ وزيراعظم ٻي عالمي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر نمائش جو افتتاح ڪيو ۽ مختلف اسٽالز جو معائنو ڪيو، وزيراعظم کي اسٽالز بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ هن دنيا جي مختلف ملڪن مان آيل نمائندن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي. وزيراعظم ??رع?? شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي تي برآمد ڪندڙن کي ايوارڊز پڻ ڏنا. تقريب کي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف چيئرمين جي چيف ايگزيڪيوٽو زبير موتي والا پڻ خطاب ڪيو.
پاڪستان ۾ زرعي روانگي واپار ۾ اضافي جا وسيع موقعا موجود آهن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق ۽ ترقي جي ذريعي روانگي واپار ۾ اضافو ممڪن آهي، پاڪستان حڪومت آبادگارن ۽ برآمد ڪندڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج