اسلام آباد-16 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ميمبر سحر ڪامران ??يو آهي ته پاڪستان ۽ روسي فيڊريشن وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن، ٻئي ملڪ واپاري، توانائي ۽ سفارتڪاري جهڙن شعبن ۾ گهڻ رخي تعاون جي موقعن کي فعال طور تي ڳولي رهيا آهن. اهڙو اظهار هن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي ڪيو. هن ??يو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ واپار، توانائي ۽ سفارتڪاري سم??ت سم??رن رخن ۾ لاڳاپا مضبوط ٿي رهيا آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن، روس توانائي جو هڪ وڏو ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪ آهي ۽ پاڪستان ان کان تيل ۽ گئس جي وسيلن مان فائدو کڻي سگهي ٿو، اهڙي طرح پاڪستان روس کي علائقائي رابطن ۽ واپاري راهداري فراهم ڪري سگهي ٿو. سحر ڪامران ??يو ته گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ مسلسل اعليٰ سطحي رابطن ۾ پاڪ روس سفارتي لاڳاپن ۾ نمايان اضافو ڏٺو ويو آهي. هن اسلام آباد ۾ روس جي سفير البرٽ خوريف طرفان يوم آزادي تي مبارڪن جي خط جو حوالو ڏنو جنهن ۾ ??يو ويو ته روس پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، روسي سفير پنهنجي خط ۾ ??يو ته ماسڪو ۾ پاڪستاني جهنڊي جي رنگن کي ڏسي واقعي خوشي ٿي، هي ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن ۽ دوستي جي مضبوط رشتن جي عڪاسي ڪري ٿو. روس جي سفير پنهنجي پيغام ۾ ??يو ته روس ۽ پاڪستان سالن کان دوست رهيا ??هن ۽ مون کي يقين آهي ته اسان پنهنجي پهرين کان مضبوط ۽ نتيجا ڏيندڙ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچندي ڏسنداسين ?? ٻنهي ملڪن کي ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
پاڪستان ۽ روسي فيڊريشن وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن، پاڪستان روس کي علائقائي رابطن ۽ واپاري راهداري فراهم ڪري سگهي ٿو: سحر ڪامران جي ”اي پي پي“ سان ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج