اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي ملڪ جي د??اع لاءِ جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ ??اڪ فوج جي جوانن، شهيدن ۽ ٻين ماڻهن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪي?? آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن آئون پوري قوم سان گڏجي ??اڪ فوج جي جوانن، شهيدن ۽ انهن سمورن ماڻهن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن پاڪستان جي د??اع لاءِ ب??ادري سان جنگ وڙهي. هن چيو ته اچو اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي شهيدن ۽ غازين جي جذبي جي تجديد ڪندي پاڪستان جي د??اع ۽ نئين سر تعمير جي وچن جو ورجاءُ ڪريون ۽ پنهنجي قائد محمد علي جناح جي ويزن موجب محنت ۽ ديانت جي قدرن کي اختيار ڪندي پياري پاڪستان جي روشن مستقبل طرف قدم وڌايون.
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری