راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) اٽلي بحريه ج?? ايئرڪرافٽ ڪيريئر ڪاوور ۽ فريگيٽ الپينو پاڪستان جي دؤري تي پهچي ويا. ڪراچي بندرگاهه تي ايندڙ اهو اٽلي جو پهريون ايئرڪرافٽ ڪيريئر آهي. آءِ ايس پي آر موجب جهاز جي ڪراچي پهچڻ تي پاڪ بحريه جي اعليٰ عملدارن ۽ اٽلي جي سفير جهازن جو استقبال ڪيو. اٽلي جي جهاز سان گڏ اٽلي نيوي جا اعليٰ عملدار ۽ دفاعي صنعت جي وفد به ڪراچيءَ جو دؤرو ڪيو. ڪمانڊر ڪراچي وائيس ايڊمرل فيصل عباسي اٽلي ايئرڪرافٽ ڪيريئر جو دؤرو ڪيو. اٽلي جي سفير ۽ بحريه جي اعليٰ عملدارن ڪمانڊر پاڪستان فليٽ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ??ور??ن گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ مستقبل ۾ ب??ري ڀائيواري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دؤري ??ور??ن پاڪستان بحريه ۽ اٽلي ايئرڪرافٽ ڪيريئر اسٽرائيڪ گروپ خاص طور تي جديد F-35 Lightning II ويڙهاڪ جهاز مختلف مشقون ب?? ڪندا. اٽلي جي سفير جو چوڻ هو ته پاڪ بحريه خطي جي اهم ب??ري قوت آهي ۽ پاڪ- اٽلي معاشي ۽ دفاعي سهڪار جا روشن امڪان آهن.
اٽلي بحريه جا ايئرڪرافٽ ڪيريئر ڪاوور ۽ فريگيٽ الپينو پاڪستان جي دؤري تي پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا