اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) سا??ونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته وزارت بندرگاهن جي ڪارڪردگي ۽ ڪنٽينر مئنيجمينٽ کي بهتر بنائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ميري ٽائم شعبي مالي سا?? 24-2023ع ۾ 430000 ميٽرڪ ٽن استعم??ل ٿيل ڪپڙي جي آمدني واپار ۾ سهولت فراهم ڪئي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ گردشي ۽ استعم??ل ٿيل ٽيڪسٽائل ٽريڊ تي قومي پاليسي ڊائلاگ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. هن پائيدار ترقيءَ جي پاليسي انسٽيٽيوٽ (ايس ڊي پي آءِ)، گڏيل قومن جي ماحوليات پروگرام (يو اين اي پي)، يورپي يونين (اي يو) جي گردشي ۽ استعم??ل ٿيل ٽيڪسٽائل جي واپار بابت پراجيڪٽ ۾ سه??ار بابت خيالن جو اظهار ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي بندرگاهه جهاز راني جي بنيادي ڍانچي جي سه??ار سا?? مالي سا?? 24-2023ع ۾ 4 لک 30 هزار ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ استعم??ل ٿيل ڪپڙو پاڪستان پهتو. هن چيو ته مقامي معيشتن، روزگار جي تخليق ۽ ٽيڪسٽائل جي ري سائيڪلنگ جي ڪوششن ۾ مدد لاءِ ان آمدني واپار جي اثرائتي هيڊلنگ ضروري آهي. قيصر احمد شيخ وڌيڪ چيو ته تمام وڏي پائيداري جي ايجنڊا جي هڪ حصي طور تي سا??ونڊي وزارت جهاز راني دوران ڪاربن جي نيڪال کي گهٽ ڪرڻ لاءِ صاف ٻارڻ ۽ توانائي جي بچت تي ٻَڌل ٽيڪنالاجيز اختيار ڪرڻ سميت گرين شپنگ جو متبادل به تلاش ڪري رهي آهي. اهي قدم انٽرنيشنل م??ري ٽائم آرگنائزيشن جي طئي ڪيل عالمي ماحولياتي معيارن مطابق آهن جيڪي پاڪستان جي سا??ونڊي شعبي جي موسمياتي تبديليءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڪوششن کي يقيني بڻائين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته وزارت جو انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ وارو عزم پاڪستان جي تمام وڏي پائيداري جي مقصدن سا?? هم آهنگ آهي جيڪا سرڪلر اڪانومي ۽ ذميدار ٽيڪسٽائل واپار ۾ ملڪ جي ڪردار ک?? تقويت ڏئي ٿي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ميري ٽائم افيئرز عالمي ڀائيوارن خاص طور تي يو اين اي پي ۽ اي يو سا?? گڏجي ڪم جاري رکندو پيو اچي ته جيئن اهڙيون پاليسيون تيار ڪيون وڃن جيڪي ٽيڪسٽائل جي عالمي واپار ۾ پاڪستان جي ڪردار ک?? وڌائي سگهن.
بندرگاهن جي ڪارڪردگي ۽ ڪنٽينر مئنيجمينٽ کي بهتر بنائڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي: قيصر احمد شيخ
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ