اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ملڪي معيشت جو ڦيٿو جام ڪرڻ جا نعرا هڻندڙن جون دعوائون کوکليُون رهجي ويون، پاڪستان معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو آهي، حڪومت ملڪي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ پرعزم آ??ي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيا?? موجب وزيراعظم چيو ته ڊسمبر 2024ع تائين 3.1 بلين ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو وصول ٿيو، جيڪو نومبر 2024ع جي ڀيٽ ۾ 5.6 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، ڊسمبر 2023ع کان ڊسمبر 2024ع تائين مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 29.3 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو اسان جي ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو عڪاس آهي. مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي سان ملڪي معيشت جو ڦيٿو جام ڪرڻ جا نعرا هڻندڙن جون دعوائون کوکليُون رهجي ويون. هن چيو ته پاڪستان معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو آهي، حڪومت ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ پرعزم آ??ي.
وزيراعظم پاران مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي تي قوم کي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب