جنيوا-10 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي ۽ گڏيل قومن جي ٻين ??اهرن ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي علمبردارن خرم پرويز ۽ عرفان مهراج خلاف لڳايل الزامن، انهن جي گرفتاري ۽ نظربندي تي ڳڻ??ي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان جو مقصد کين ??يشيوراڻي ذميوارين جي ادائيگي ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جي نگراني کان روڪڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب انساني حقن جي علمبردارن جي باري ۾ گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي ۽ ٻين ??اهرن طرفان جاري هڪ گڏيل پڌرائي ۾ خرم پرويز ۽ عرفان مهراج جي پيشيوراڻي معاملن ۽ ڄمون ڪشمير ڪوليشن آف سول سوسائٽي جي سرگرمين جي قانوني حيثيت کي تسليم ڪيو ويو آهي. پڌرائي ۾ عرفان مهراج جي گرفتاري ۽ خرم پرويز جي 2021ع کان مسلسل نظربندي تي ڳڻ??ي جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته ان جو مقصد کين ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي انساني حقن جي صورتحال جي نگراني ۽ پنهنجي پيشيوراڻي ذميوارين جي ادائيگي کان روڪڻ آهي. پڌرائي ۾ چيو وي?? ته ڀارت کي دهشتگردي جي خاتمي جي قانون?? کي انساني حقن جي علمبردارن خلاف استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، پڌرائي ۾ مودي حڪومت طرفان دهشتگردي جي تعريف سان اختلاف ڪندي غير قانوني سرگرمين جي روڪٿام جي ڪاري قانون يو اي پي اي ۾ دهشتگردي ايڪٽ جي تعريف بابت ڳڻ??ي جو اظهار ڪيو ويو جيڪو دهشتگردي جي خاتمي دوران انساني حقن ۽ بنيادي آزادي جي تحفظ بابت عالمي اداري جي رهنما اصولن ۽ تعريف کان بلڪل جدا آهي ۽ ان ۾ عدليه جي نگراني يا ڪنٽرول کانسواءِ ايگزيڪيٽو کي وڏي پئماني تي اختيار فراهم ڪيا ويا آهن. پڌرائي ۾ مودگي حڪومت کي ياد ڏياريو ويو آهي ته دهشتگردي ۽ دهشتگردي جي ڏوهن جي تعريف سلامتي ڪائونسل طرفان پنهنجي قرارداد 1566 (2004ع) ۾ واضح ڪئي وئي آهي جيڪا حقيقي طور تي ان موجب هجڻ گهرجي. بيان ۾ خبردار ڪيو وي?? ته انساني حقن جي سرگرمي?? کي دهشتگردي سان جوڙڻ رياست جي انهن ذميوارين سان ٽڪراءُ ۾ نه هجڻ جي??ي جن جي سلامتي ڪائونسل طرفان توثيق ڪئي وئي آهي. رياستن طرفان دهشتگردي جي خاتمي جي سرگرمي?? کي عالمي قانونن جي ٻين ذميوارين خاص طور تي انساني حقن جي احترام سان ٽڪراءُ ۾ نه هجڻ گهرجي. واضح رهي ته انساني حقن جي علمبردارن جي باري ۾ گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي ۽ ٻين ??اهرن طرفان هي خط ڀارتي حڪومت کي هلندڙ سال 5 جون تي لکيو ويو هو ۽ ا?? کي منظر عام تي اچڻ کان اڳ 60 ڏينهن تائين ڳجهو رکيو ويو، جنهن جو مقصد مودي حڪومت کي ان جواب ڏيڻ جي مهلت ڏيڻ هو.
ڀارت پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ سول سوسائٽي کي نشانو بڻائڻ لاءِ قانونن جو غلط استعمال ڪري رهيو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania