نيويارڪ – 12 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري (يونيسيف) چيو ته سڄي دنيا ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي 400 ملين (60 سيڪڙو) ٻا??ن کي گهرن ۾ باقاعدگي سان نفسياتي جارحيت يا جسماني سزائن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. شنهوا مطابق يونيسيف راندين جي پهرين بين الاقوامي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڊيٽا ۾ چيو ته انهن مان اٽڪل 330 ملين ٻا??ن کي جسماني طور سزا کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. يونيسيف جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل چيو ??ه ٻا??ن کي گهر ۾ جسماني يا زباني زيادتي جو نشانو بڻايو ويندو آهي، يا جڏهن هو پنهنجن پيا??ن کان سماجي ۽ جذباتي سار سنڀال کان محرون ٿيندا آهن، ته ان سان انهن جي عزت نفس ۽ ترقي جي احساس کي نقصان پهچي سگهي ٿو، جڏهن ??ه ٻئي پاسي سٺو رويو ٻا??ن کي محفوظ محسوس ڪرڻ، سکڻ، مهارت پيدا ڪرڻ ۽ پنهنجي آس پاس جي دنيا کي نيويگيٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. نتيجن مطابق 4 مان هڪ کان ڪجهه وڌيڪ مائرون ۽ بنيادي سار سنڀال ڪندڙ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ??ه ٻارن جي مناسب پرورش ۽ تعليم لا??ِ جسماني سزا ضروري آهي. يونيسيف ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لا??ِ ته هر ٻار محفوظ ۽ پيار جي احساس سان وڏو ٿئي، لا??ِ حڪومتن کان مطالبو ڪري ٿو ته ه?? قانوني ۽ پاليسي فريم ورڪ کي مضبوط بڻائن ته جيئن گهر ۾ ٻارن خلاف هر قسم جو تشدد ممنوع هجي.
سڄي دنيا ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي 400 ملين ٻارن کي گهرن ۾ باقاعدگي سان نفسياتي جارحيت يا جسماني سزائن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو: يونيسيف
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável