تل ابيب -24 جون (اي پي پي) اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو چيو آهي، ته غزه کي ڪنهن به صورت فلسطي??ي اٿارٽي جي حوالي نه ڪيو ويندو، اتي جنگ جاري رهندي ۽ لبناني سرحد تي پڻ جلد اسرائيلي فوج ٻيهر مقرر ڪئي ويندي. بي بي سي مطابق اسرائيلي ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ هن چيو ته غزه جي ڏکڻ واري علائقي رفح ۾ جنگ جو شديد مرحلو ختم ٿي چڪو ا??ي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته جنگ ختم ٿيڻ واري آهي. اها جنگ جاري رهندي. هن چيو ته اسرائيل لبنان جي سرحد تي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اسرائيلي فوج جلد ئي ان سرحد تي پنهنجي جٿن کي ٻيهر مقرر ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو. اسرائيل جي وزيراعظم ان خيال کي به رد ڪيو ته غزه جو ا??تظام اولهندي ڪناري ۾ قائم فلسطي??ي اٿارٽي حوالي ڪيو وڃي. هن چيو ته هو غزه ۾ فلسطيني رياست قا??م ڪرڻ يا ان کي فلسطي??ي اٿارٽي حوالي ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قيمت تي تيار نه ٿيندا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو خطي جي اڪثر ملڪن سان گڏجي غزه ۾ هڪ سول انتظاميه قا??م ڪري وٺندا.
غزه کي فلسطيني اٿارٽي جي حوالي نه ڪيو ويندو، جنگ جاري رهندي: اسرائيلي وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : números dupla sena