اسلام آب??د – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف جي هدايت تي بدين، جيڪب آب??د، ميرپورخاص، نوشهروفيروز، اسلام ڪوٽ ۽ مهيڙ سميت ملڪ جي مختلف ح??ن ۾ 46 اسپتالن جي تع??ير لاءِ وفاقي حڪومت زمين مختص ڪرڻ جي سلسلي ۾ چئني صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽرين ۽ آءِ سي ٽي انتظاميه کي خط لکي?? آهن، اهي س??ور??ون 46 اسپتالون مڪمل طور تي وفاقي فنڊ جون اسپتال هونديون جيڪي جديد سهولتن سان ليس هونديون ۽ بين الاقوامي ڪنسلٽنٽنس ان جو ڊزائين تيار ڪندا. پنجاب ۾ 500 بسترن تي اسپتالن لاءِ تجويز ڪيل شهرن ۾ راجن پور، جهنگ، بکر، صادق آب??د ۽ راولپنڊي شامل آهن جڏهن ته 250 بسترن تي مشتمل اسپتالون بوريوالاه، احمد پور شرقيه، ڪوٽ ادو، ساهيوال (سرگوڌا) قصور ۽ ليه ۾ تع??ير ڪيون وينديون.
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک