اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) گهرو وزارت طرفان قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته صحافين جي تحفظ لاءِ وفاقي گادي واري شهر جي پوليس کي خصوصي هدايت ڪئ?? وئي آهي ته هو جڏهن به ڪنهن صحافي جي درخواست اچي ته فوري ايف آءِ آر داخل ڪرڻ يقيني بڻائي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران ڊاڪٽر مهرين رزاق ڀٽ?? جي سوال جي ج??اب ۾ قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته گهرو پارلياماني سيڪريٽري محمد افضل ڍانڍلا صحافين تي حملن جي حوالي سان هيستائين 4 ايف آءِ آر داخل ٿيون آهن، سمورن ايس ايم اوز کي سختي سان هدايت ڪئ?? وئي آهي ته هو صحافي طرفان شڪايت ملڻ تي فوري ايف آءِ آر داخل ڪن.
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال