ڪوالالمپور – 21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نه ڪنهن کي اين آر او ڏينداسين ۽ نه ئي چارٽر آف ڊيموڪريسي جي نالي تي مڪ مڪا جي اجازت ڏينداسين، مخالف ڌر کي حڪومت جي خاتمي جي تمام جلدي آهي، انهن کي ڊپ آهي جيتري دير عمران خان حڪومت ۾ هوندو انهن جي لاءِ خطري جي گهنٽي وڄندي رهندي، هر سال پاڪستان ۾ 10 ا??ب ڊالر جي مني لانڊر??گ ڪئي وڃي ٿي، حڪومتي قدمن جي ڪري مني لانڊرنگ کي انتهائي مشڪل بڻائي ڇڏينداسين. ملائيشيا جي شهر ڪوالالمپور ۾ پاڪستاني برادري کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ماڻهن، ادارن ۽ قومن جي زندگي ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آ??ن، لاها چاڙها ان لاءِ ايندا آ??ن ڇو ته الله طرفان اهو هڪ پيغام هوندو آهي ته توهان غلطي ڪري رهيا آ??يو ان کي ٺيڪ ڪريو، جيڪي قومون پنهنجون غلطيون ٺيڪ نه ٿيون ڪن الله انهن کي برباد ڪري ڇڏي ٿو پر جيڪا قوم پنهنجي غلطين مان سکي اصلا?? جي رستي تي هلي ٿي اها مضبوط ٿئي ٿي.
نه اين آر او ۽ نه ئي چارٽر آف ڊيموڪريسي جي اجازت ڏينداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina