اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوام کي اپيل ڪئي آهي ته پنهنجا اثاثا ظاه?? ڪرڻ جي اسڪيم مان فائدو کڻي ملڪ کي پيرن تي بيهارڻ، ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ ۽ پنهنجي ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ڪري، جيستائين اسان ٽيڪس نه ڏينداسين اسان جو ملڪ مٿي نه ٿو وڃي سگهي، بي نامي اثاثا، بئنڪ اڪائونٽس ۽ ٻاهر پيل پئسو ظاه?? ڪرڻ جو 30 ڏينهن تائين وقت آهي، ان کانپوءِ موقعو نه ملندو، پاڪستانين جي ٻاهرئين ملڪ ملڪيتن ۽ بئنڪ اڪائونٽس جي معلومات جا معاهدا ٿي چڪا آهن، عظيم قوم بڻجڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻو پوندو. پاڪستان ٽيليويزن ۽ ريڊيو تي قوم جي نالي اهم پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چي?? ته گذريل 10 سالن ?? پاڪستان جو قرض 6 هزار ارب رپين مان وڌي 30 هزار ارب رپين تائين پهچي ??يو آهي.
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم