اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آ???? ته معيشت جي بهتري ۽ عورتن کي وڌيڪ ب??اخ??يار بڻائڻ حڪومت جي ترجيح آهي ۽ جيمز اينڊ جيولري جي شعبي ۾ عورتن جي شموليت ۽ معاشي محاذن تي انهن کي ب??اخ??يار بڻائڻ ۾ راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس ۽ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽ?? آف پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آ??ي، ڪاروباري برادري عالمي محاذن تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت کي بي نقاب ڪرڻ ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي ??ي آءِ) ۽ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽ?? آف پاڪستان (آءِ ڊي ايي پي) جي حصيداري سان هتي هڪ مقامي هوٽل ۾ منعقد ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري جيمز اينڊ جيولري جي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی