بيجنگ – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چين جي صدر شي جن ??نگ سان ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفي معاملن س??يت خطي جي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان ڪشمير تڪرار تي اصولي موقف اختيار ڪرڻ تي چين جي صدر ۽ سندس حڪومت جو ٿورو ??دا ڪيو. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي جي موقف جو خصو??ي ذڪر ڪيو. وزيراعظم چيو ته مشڪل حالتن ۾ چين هر سطح تي سدائين پاڪستان جي حمايت ڪئي آهي. هن چين جي صدر کي ملڪ جي موجوده اقتصادي صورتحال جي باري ۾ ٻڌايو ۽ چيو پاڪستان مشڪل اقتصادي حالتن مان نڪري چڪو آهي. هن چيو ته ان حوالي سان اسان چين جي مالياتي تعاون کي ڪڏهن به فراموش نه ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں