اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پوري قوم مڇ سانحي تي ڏکويل آهي، مڇ سانحي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، ان مسئلي تي اسان سڀني کي هڪ ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران ??ان ڪوئيٽا ضرور ويندو ۽ مڇ سانحي جي متاثرين سان ملاقات ڪندو، اسان جي پهرين ترجيح آهي ته دهشتگردي جا واقعا آئنده نه ٿين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جا دشمن ملڪ ۾ افراتفري جي صو??تحال پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، بلوچستان ۾ گذريل ڏي??هن 7 فوجي اهلڪارن کي شهيد ڪيو ويو، ا??هن جو ڪ??هن برادري سان تعلق نه هو، ان طرح جي واقعن جو مقصد صرف ملڪ ۾ خ??ف ۽ بي يقيني جي صو??تحال پيدا ڪرڻ هوندو آهي، ان صو??تحال ۾ اسان سڀني کي گڏجي اهو سوچڻ گهرجي ته ان سڄي صو??تحال کي ڪهڙي طرح م??هن ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪوئيٽا جي علائقي مڇ ۾ ٿيندڙ واقعي تي وزيراعظم عمران ??ان ۽ پوري قوم ڏکويل آهي.
پوري قوم مڇ سانحي تي ڏکويل آهي، مڇ سانحي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری