ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين، بدعنوان عنصر جيڪو مرضي ڪري وٺن اين آر او نه ملندو، چاهيون ٿا ته خبر پوي ته اسامه بن لادن ڪنهن کي پئ??ا ڏنا هئا. ساهيوال ۾ صحافين سان ڳالهائين??ي وزيراعظم چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ تمام گهڻو پئ??و استعمال ڪيو وڃي ٿو، ج??ڪڏهن ڪو نمائندو ڪروڙين رپيا وٺي پنهنجو ضمير وڪرو ڪري ٿو ته اهو عوام جي نمائندگي ڇا ڪندو، ان لاءِ اسان آئيني ترميمون چاهيون ٿا ته جيئن بيلٽ اوپن ٿئي. اسان گذ??يل چونڊن ۾ پئ??ا وٺندڙ ڪارڪنن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته هينئر به سينيٽ اليڪشن جي لاءِ ووٽ جي خريد ۽ وڪري جي حوالي سان سرگرميون جا??ي آهن. سينيٽ پارليامينٽ جو مٿيون ايوان آهي جنهن جو تمام گهڻو تقدس آهي. هن چيو ته اسان وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه آهي پر اسان پوءِ به سينيٽ اليڪشن شفاف بڻائڻ جي لاءِ بل پيش ڪنداسين.
فارن فنڊنگ ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ