اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان تعليم سان گڏوگڏ اخلاقي قدرن ۽ تربيت تي ڌيان ڏئي مس??ما?? امت جي قائد طور تي اڀري سامهون اچي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن علي ڳڙهه انوورسٽي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته تعليم سان گڏ تربيت جي فراهمي جي لاءِ هي قدم ساراهه جوڳو آهي، هن اداري جو قيام تاريخ جي بنياد تي عمل ۾ آندو پيو وڃي، قومن جي ترقي ۾ تعليم، تربيت ۽ قدرن جو اهم حصو هوندو آهي. هن چيو ته علم سان نسل درنسل معلومات جو خزانو منتقل ٿئي ٿو. هن چيو ته 16 هين کان 18 هين صدي دوران ڀارت پيداواريت جي حوالي سان اهم خطو هو، اهو خطو علم ۽ فن جو گهوارو هو. ايسٽ انڊيا ڪمپني هندستان ۾ سيڙپڪاري ڪري ڦرلٽ جو بازار گرم ڪيو، غدارن ان جو ساٿ ڏنو، 1857ع جي آزادي جي جنگ ۾ مس??ما??ن جو قتلام ڪيو ويو، ان صورتحال جي ڏس ۾ سر سيد احمد خان چيو ته مس??ما?? جيڪڏهن علم کان پري رهندا ته اهي دنيا جي اندر پنهنجو مقام حاصل نه ڪري سگهندا، هن مس??ما??ن تي علم حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو، ننڍي کنڊ جي مس??ما??ن جي سوچ ۾ تبديلي ۾ علي ڳڙهه يونيورسٽي جو وڏو حصو آهي.
پاڪستان مسلمان امت جي قائد طور تي اڀري سامهون اچي رهيو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو