اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عام ماڻهو تائين آسان ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽارني جنرل خالد جاويد خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اٽارني جنرل وزيراعظم کي مختلف ع??التي معاملن، انصاف جي نظ??م جي حوالي سان جاري سڌارن ۽ ”و??ٽر ڪميشن رپورٽ“ تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان و??ٽر ڪميشن رپورٽ جي حوالي سان جسٽس شاهد ڪريم جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڻي جو مسئلو انتها??ي اهم معاملو آهي، ان اهم قومي معاملي ۾ جسٽس شاهد ڪريم جي خصوصي دلچسپي ۽ ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. وزيراعظم جسٽس (ر) علي اڪبر قريشي جي سربراهي ۾ و??ٽر ڪميشن رپورٽ جوڙيندڙ ٽيم جي ڪوششن کي به ساراهيو. مختلف ع??التي مامرن ۽ جاري سڌارن تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته عام ماڻهو تائين آسان ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته عدالتي ۽ انصاف جي نظ??م جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ عدالتي نظ??م کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي حوالي سان حڪومت عدليه کي هر ممڪن تعاون ۽ وسيلن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي.
عام ماڻهو تائين آسان ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال