اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب ۾ تبديلي ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، برطانوي پرڏيهي وزير کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن، انساني حقن جي خلاف ورزين جي حوالي سان ت??صيلي ثبوت پيش ڪيا. لنڊن ۾ برطانيا جي ٽن ڏينهن جي دوري جي پڄاڻي تي پريس ڪ??نف??نس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ت?? برطانيا اهم ملڪ آهي ۽ پاڪستان انس ان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ت?? برطانوي هم منصب سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، ڪشمير ۽ افغانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ آهي، برطانيا سان واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ جوائنٽ ورڪنگ گروپس جوڙڻ جي حوالي سان ب?? برطانوي عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي ڳڻتي آهي. هن چيو ته مون برطانوي هم منصب کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي حوالي سان ت??صيلي ثبوت فراهم ڪيا. پرڏيهي وزير چيو ت?? برطانيا ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جو وڏو انگ رهي ٿو ۽ اهي برطانيا جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب ۾ تبديلي ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ