اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي ۾ وڪيلن جو روشن ڪردار ت??ري?? جو حصو آهي، وڪيل جمهوريت، انساني حقن ۽ آئين جا محافظ آهن.
اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل ڊسٽرڪٽ بار جهلم جي عهديدارن سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ نيب جي تازي آرڊيننس سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وڪيل برادري وفاق?? وزير کي جهلم ۾ ڪنٽونمنٽ بورڊز جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪئي. وڪيلن چونڊ سڌارن ۽ ايندڙ اليڪشن اي وي ايم تي ڪرائڻ جي حوالي سان حڪومتي قدمن کي ساراهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين وڪيلن کي نيب (ٻيو ترميمي) آرڊيننس 2021ع جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي چيو ته صدر آئين جي آرٽيڪل 89 تحت اهو آرڊيننس جاري ڪيو، آرڊيننس جي ذريعي صدر مملڪت ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان جي مشاورت سان احتساب عدالتن جو قيام عمل ۾ آندو ويندو، پراسيڪيوٽر جن??ل جي اختيارن کي وڌايو ويو آهي، ان آرڊيننس تحت ضمانت جا اختيار ماتحت عدالتن وٽ هوندو. هن چيو ته اڄ جيڪي نيب آرڊيننس تي تنقيد ڪري رهيا آهن انهن جون اڪثر ترميمون انهي آرڊيننس ۾ شامل آهن.
وفاق?? وزير چيو ته حڪومت وڪيلن جي مسئلن کان چڱي طرح آگاهه آهي، ڊسٽرڪٽ بار جهلم لاءِ نوان چيمبرز ٺاهيا ويندا، نوجوان وڪيلن کي چيمبرز جي تع??ير جي لاءِ ڪامياب جوان پروگرام مان قرض ڏنا ويندا. وڪيل برادري کي صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ هيلٿ ڪارڊ جي فراهمي تي ??ه غور ڪري رهيا آهيون، وفاق?? وزير وڪيلن کي جهلم ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته جهلم درياءُ جي ويجهو جديد تفرحي پارڪ قائم ڪيو ويندو، هن چيو ته الله کان پنڊداد خان ۽ جهلم روڊ جي ٻن لائين وارو ڪرڻ جي منصوبي سان علائقي ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو، 126 ڪلوميٽر ڊگهي الله کان جهلم تائين ٻن لائين واري روڊ جي تع??ير تي 16 ارب روپين جي لاڳت ايندي، وڪيل برادري علائقي جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي ۽ بهتري جي منصوبن جي آغاز تي وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين، ايڊووڪيٽ جن??ل پنجاب فيصل چوڌري ۽ سرفراز چوڌري جي ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات ۾ ڊسٽرڪٽ بار جهلم جي صدر راجا توقير احمد خان، جن??ل سيڪريٽري راجا نصر الله وسيلم، جوائنٽ سيڪريٽري چوڌري آصف بشير ايڊووڪيٽ، پنجاب بار ڪائونسل جي ميمبر راجا ظفر اقبال، ڊسٽرڪٽ بار جهلم جي اڳوڻي صدر چوڌري عبدالرشيد گوندل، پنجاب بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين چوڌري محمد حسين ايڊووڪيٽ ۽ ارشد محمود جن??وعه ايڊووڪيٽ شامل هئا.