اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبي?? چيو آهي ته مالياتي ضمني بل معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ ل??ءِ آندو ويو آهي، اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي جنهن کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو پيو وڃي، ماضي ۾ به فنانس بل ايندا رهيا، بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي موقعي تي شهباز شريف ۽ بلاول زرداري گم رهيا، اهي دعويٰ ڪري رهيا هئا ته اسان بل منظور ئي نه ٿيڻ ڏينداسين، مخالف ڌر ڪا دليل جي ڳالهه نه ڪئي پر ايوان کي مڇي مارڪيٽ بڻايو، حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته عوام تي گهٽ کان گهٽ بار پوي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبي?? چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي 9 ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ وئي ۽ مسلم ليگ (ن) به آءِ ايم ايف جي چئن پروگرامن ل??ءِ وئي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ته 9 ارب ڊالر جو سڀ کان وڏو پروگرام آءِ ايم ايف کان ورتو، هن چيو ته مخالف ڌر بهتر طريقي سان ڄاڻي ٿي ته هو م??يشت جو ڪهڙو حال ڪري وئي هئي، اسحاق ڊار ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو، اهي پنهنجي دور ۾ 20 ارب ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ۽ 15 ڏينهن جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ڇڏي ويا جنهن مان قرض جي قسط ادا نه پئي ٿي سگهي. هن چيو ته اها ڳالهه رڪارڊ تي آهي ته مخالف ڌر اسان کي مشورا ڏيندي هئي ته حڪومت ايتري دير سان آءِ ايم ايف وٽ ڇو وئي، کين تمام گهڻو پهرين آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ گهربو هو، فرخ حبي?? چيو ته مخالف ڌر ڄاڻي ٿي ته هو پنهنجي دورن ۾ ڪهڙيون کير ۽ ماکي جون نديون وهائي ويا هئا ۽ جيڪڏهن ڪجهه ڪري ويا هجن ها ته اڄ اها صورتحال نه هجي ها. مملڪتي وزير چيو ته اسحاق ڊار معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو ۽ قرض جي ادائيگي ل??ءِ حڪومت وٽ پئسا نه هئا. هن چيو ته اڄ مخالف ڌر کي گهربو هو ??ه دليل سان ڳالهه ڪري ها پر هنن ايوان ۾ بدتميزي جو طوفان آندو ۽ دليل سان ڪا به ڳالهه نه ڪئي، بلاول زرداري ۽ شهباز شريف ايوان مان گم رهيا، انهن جي ڪوشش هئي ته اسان قانونسازي کي روڪينداسين ۽ بل جو حصو نه بڻجڻ ڏينداسين، هن چيو ته معاشي حالتن جي باوجود وزيراعظم عمران خان ۽ ناڻي واري وزارت ڪوشش ڪئي ته عوام تي وڌيڪ بار نه وڌو وڃي ۽ حقيقتون به توهان جي سامهون پيش ڪيون آهن. هن چيو ته مخالف ڌر بند ڪمرن ۾ ويهي فيصلا ڪندي آهي ۽ جڏهن ڳالهين جو وقت ايندو آهي ته اهي سڀ غائب ٿي ويندا آهن، مخالف ڌر ايوان کي اڄ مڇي مارڪيٽ بڻائي رکيو، اسان سمجهون ٿا ته ايوان ۾ اڄ قيادت کانسو??ءِ مخالف ڌر هئي.
مالياتي ضمني بل معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ لاءِ آندو ويو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا