اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ۽ پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پارٽي آئين تي نظرثاني ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ نئين آئيني اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اهم ترين اجلاس وزيراعظم ۽ پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت ۾ خميس ڏينهن ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ منصوبابندي ۽ مرڪزي سيڪريٽري جنرل اسد عمر سميت سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي مرڪزي ميڊيا ڊپارٽمينٽ مان جاري ب??ان موجب اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي آئين تي نظرثاني لاءِ جوڙيل خصوصي ڪميٽي جي پيش ڪيل سفارشن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم ۽ پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي چيئرمين نظرثاني ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ نئين آئيني اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي. پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي قيادت ۾ نون نامزد ڪيل ذميدارن کي هيٺين سطح تائين تنظيم سازي جو عمل جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي فوري هدايت ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف وفاق پاڪس??ان جي مقبول ۽ منظم ترين سياسي قوت آهي، سياسي ۽ انتظامي طور تي هيٺين سطح تائين عوام کي بااختيار بڻائڻ جي هدفن طرف وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته قومي تعمير ۽ ترقي جي عمل ۾ سماج جي غريب طبقي جي ڀلائي تي خصوصي ڌ??ان ڏئي رهيا آهيون. صحت ڪارڊ کان سستي راشن اسڪيمن تائين حڪومت فلاحي رياست جي طرز تي عوامي ڀلائي تي غير معمولي وسيلا خرچ ڪري رهي آه??، هن چيو ته تحريڪ انصاف جا ڪارڪن حڪومت جي ڀلائي جي منصوبن جا ثمر عوام تائين پهچائڻ جي عمل ۾ شرڪت ڪن. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي تنظيمي ذميدار هر سطح تي پاڻ کي منظم ۽ آئنده جي سياسي چئلينجن مان سرخرو ٿيڻ جي تياري ڪن.
عمران خان پارٽي جي نئين آئيني اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا