اسلام آباد – 02 – م??رچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، ملڪ ۾ يونيورسل ايمرجنسي هيلپ لائين مشڪلاتن ۾ ڦاٿل عوام جي لاءِ هنگامي مدد جو اهم ادارو هوندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين (پي اي ايڇ اي ايل) 911 جو جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، ن??شن?? ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن جي چيئرمين انجنيئر معراج گل، ن??شن?? انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيد حسنين عباس ڪاظمي ۽ ٻين لاڳاپيل سينيئر عملدا??ن شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جا چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. وزيراعظم عمران خان سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ ان سروس جي حقيقي شروعات کان اڳ هيلپ لائين جي آزمائشي ۽ سافٽ لانچ جي ذريعي ان کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فعال بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. وزيراعظم کي ان ??وقعي تي ٻڌايو ويو ته هنگامي خدمتون فراهم ڪندڙ ادارا فائربرگيد، پوليس، طبي معاونت، قدرتي آفتن کان بحالي ۽ موٽروي پوليس سميت خدمتون فراهم ڪندڙ سمورن 36 انفرادي ايمرجنسي نمبرز کي پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين 911 ۾ ضم ڪيو ويندو. ڪو به ضرورتمند شخص 911 تي ڪال ڪندو ۽ ڪال سينٽر ان جي ڪال کي لاڳاپيل حڪومتي ادارن ڏانهن موڪليندو. ڊيجيٽل پاڪستان ??دم جي حصي طور اهو انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وزارت ۽ گهرو وزارت جو گڏيل منصوبو آهي. ن??شن?? ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي وزارت جو ن??شن?? انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ ان ??نصوبي کي آساني سان ??ڪمل ڪرڻ لاءِ ضروري فني معاونت ۽ انفراسٽرڪچر فراهم ڪندو جڏهن ته گهرو وزارت وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مختلف ايمرجنسي ريسپانس سروسز جي لاءِ رابطي جي ذميوار هوندي.
عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، ملڪ ۾ يونيورسل ايمرجنسي هيلپ لائين مشڪلاتن ۾ ڦاٿل عوام جي لاءِ هنگامي مدد جو اهم ادارو هوندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج