اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پا??ستان ۾ عوامي جمهوريه چين جي ناظم الامور ڦينگ چنگزو وزيراعظم هائوس ۾ خيرسگالي ملاقات ڪئي. ڦينگ چنگزو کيس وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي چين جي حڪومت ۽ قيادت پاران مبارڪباد پيش ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. چين جي ناظم الامور ز??ر ڏنو ته چين وزيراعظم شهباز شريف کي هڪ مضبوط ۽ پڪو عزم رکندڙ پنهنجي دوست ط??ر ڏسي ٿو جنهن جو چين ۾ تمام گهڻو احترام ۽ تعريف ڪئي وڃي ٿي. هن گذريل حڪومت جي دور ۾ بطور پنجاب جي وڏي وزير پا?? چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي فروغ لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪئي. چين جي قيادت جي لاءِ گرمجوشي تي ٻڌل خواهشن ۽ مبارڪباد جي جذبن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چين جي پنهنجي ڪيترن ئي دورن جو حوالو ڏنو جن دوران هن صدر شي جن پنگ سان ملاقات جو پرمسرت اعزاز حاصل ٿيو ۽ صدر شي پا??ستان سان لاڳاپن جي فروغ ۾ ذاتي دلچسپي ورتي. وزيراعظم صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ قدم جي فليگ شپ منصوبي سي پيڪ تي جاري اڳڀرائي ۽ پا??ستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ان جي اهميت کي ساراهيو. هن سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ ان کي چين پا??ستان دوستي ۽ گهري حصيداري جي علامت بڻائڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. هن صنعتن جي قيام، زراعت ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ چين پاران سيڙپڪاري ۾ اضافي جي اهميت تي ز??ر ڏنو. پنجاب جي وڏي وزير طور چين سان پنهنجي ويجهي تعاون جو حوالو ڏيندي وزيراعظم پا??ستان ۽ چين جي وچ ۾ سدا بهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي پا??ستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جو عنصر قرار ڏنو. هن ز??ر ڏئي چيو ته چين سان دوستي پا??ستان ۽ چين جي عوام جي دل ۾ موجود آهي ۽ چين پا??ستان جو مضبوط ۽ ويجهو ترين حصيدار آهي. وزيراعظم هڪ جهڙي مفاد ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چين جي ناظم الامور جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ریل رش