نيويارڪ – 19 – مئي (اي پي پي) پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ٻطرفي حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ترڪيءَ سان اقتصادي تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پرڏ??هي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي ترڪ هم منصب موولت ڪاوو سوگلو سان عالمي تحفظ خوراڪ جي لاءِ حڪمت عملي جي حوالي سان منعقد وزارتي اجلاس جي موقعي تي ملاقات دوران ڪيو. پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ شاندار ۽ ٻطرفي حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان جي ترڪيءَ سان پنهنجي وسيع البنياد تعاون وڌائڻ جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته هن سال نومبر ۾ پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 75 هين سالگرهه کي ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو. هن ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ترڪيءَ جي اصولي موقف تي ترڪ حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن ترڪ پرڏ??هي وزير کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدمن ?? نام نهاد حدبندي ڪميشن جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاه ڪ??و. هن مختلف عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏ??هي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ترڪيءَ جي حمايت کي ساراهيو. هن ترڪيءَ سان اقتصادي تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
پاڪستان ترڪيءَ سان اقتصادي تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز