اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اخباري صنعت کي مشڪلاتن ۽ بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ 30 جون تائين اڳوڻي حڪومت جي ??شهيري رهتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم اها هدايت آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب کانسواءِ وزيراعظم جو خاص معاون فهد حسين پڻ موجود هو. اي پي اين ايس جي ??در سرمد علي جي قيادت ۾ وفد ۾ سيڪريٽري جنرل ناز آفري??، سهگل لاکاڻي، سينيئر صحافي مجيب الرحمان شامي، جميل اطهر، شهاب زبيري، محترمه رميزه نظامي، عمر مجيب شامي، امتنان شاهد، ممتاز طاهر، محسن بلال، اويس خوشنود، وسيم احمد، منير گيلاني ۽ همايون گوهر پڻ شامل هئا. وزيراعظم ان موقعي تي اخباري صنعت کي مشڪلاتن ۽ بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ وڏي پئڪيج جو اعلان ڪيو ۽ 30 جون تائين اڳوڻي حڪومت جون تشهيري رهتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پي ٽي آءِ دور جي ??خبارن ۽ تشهيري ڪمپنين جون حڪومتي رهتون ادا ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو. وزيراعظم چيو ته هو سياسي انتقام ۾ يقين نه ٿو رکي ڇو ته ان سان ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. وزيراعظم وفد کي خا??ري ڪرائي ته مهانگائي جي ??ناسب سان تشهيري اگهه ۾ مناسب اضافو ڪيو ويندو. هن چيو ته بجيٽ ۾ اخباري صنعت تي ڪو نئون ٽيڪس يا ڊيوٽي نه لڳائينداسين ۽ اخباري صنعت کي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ اضافي ريليف پڻ فراهم ڪنداسين.
وزيراعظم شهباز شريف پاران اخباري صنعت کي مشڪلاتن ۽ بحران مان ڪڍڻ لاءِ 30 جون تائين اڳوڻي حڪومت جي تشهيري رهتون ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔