اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف جي هدايت تي عوام کي کاڄرو تيل جي فراهمي لاءِ ??ڏي اڳڀرائي ٿي آهي، انڊونيشيا پاڪستان کي پام آئل فوري فراهم ڪندو، 30 هزار ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل ??ان ڀريل پهريون بحري جهاز اڄ اڱاري ڏينهن پاڪستان روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز ش??يف جي 10 جون تي انڊونيشيا جي صدر جو ڪو ويد ودو ??ان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، وزيراعظم شهباز ش??يف جي هدايت تي پاڪستاني وفد انڊونيشيا جو دورو ڪيو ۽ انڊونيشيا جي واپار واري وزارت ??ان ڳالهيون ڪامياب ٿيون، کاڄرو تيل ??ان ڀريل 10 بحري جهاز ايندڙ ٻن هفتن ۾ انڊنيشيا ۽ ملائيشيا کان پاڪستان پهچندا، انڊونيشيا کان ڪل اڍائي لک ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل پاڪستان کي فراهم ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم شهباز ش??يف جي هدايت تي صنعت ۽ پيداوار واري وزير سيد مرتضيٰ محمود انڊنيشيا جي هم منصب ??ان معاملا طئي ڪيا، پاڪستاني وفد جي درخواست تي انڊونيشيا جي واپار واري وزارت سڀني لاڳاپيل معاملن کي تيزي ??ان اڪلايو، 30 هزار ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل ??ان ڀريل پهريون بحري جهاز اڄ اڱاري تي پاڪستان روانو ٿيندو. انڊونيشيا جو دورو ڪندڙ وفد ۾ پاڪستان بناسپتي مينوفيڪچرز ايسوسيئيشن جو چيئرمين طارق الله صوفي ۽ تنظيم جو ميمبر رشيد جان محمد به شامل هئا.
وزيراعظم جي هدايت تي عوام کي کاڄرو تيل جي فراهمي لاءِ وڏي اڳڀرائي، انڊونيشيا پاڪستان کي پام آئل فوري فراهم ڪندو
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی