اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڻ تي دارومدار ڪرڻ ئي قوم جي ??ياسي ۽ معاشي آزادي جي ??مانت آهي، اڳوڻي حڪومت بجلي جي پيداوار جي منصوبن ۾ دير ۽ گئس جي ??ستي ۽ ڊگهي مدي وارا معاهدا نه ڪري ملڪ کي نقصان پهچايو، سپر ٽيڪس جو پئسو ضايع نه ٿيڻ ڏينداسين، ريئل اسٽيٽ ملڪ جو حصو آهي پر سٽيبازي نه هجڻ گهرجي، زراعت جي ??عبي جي ??رقي لاءِ آبادگارن کي سهولتون ڏنيون وينديون، ڳاڙهي ڦيٿي، پرمٽ، اين او سي، آفيسن ۽ سفارش جا چڪر هاڻي ختم ٿيڻ گهرجن، افغانستان مان ڪوئلي جي ??رآمد سان ساليانو 2 ارب ڊالر جي ??چت ٿيندي، آءِ ايم ايف کان جلد 2 ارب ڊالر ملي ويندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار ”ٽرن ارائونڊ پاڪستان“ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، معاشي ماهرن ۽ ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڻ تي دارومدار ڪرڻ اصل منزل آهي، مخلوط حڪومت ۾ چئني صوبن جي نمائندگي آهي ۽ مشاورت سان فيصلا ڪيا وڃن ته ان کي سگهه ملي ٿي، ملڪ جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جو چئلينج سڀني گڏجي قبول ڪيو آهي، ان ذميواري کي اسان نڀائينداسين، آءِ ايم ايف کان جلد 2 ارب ڊالر ملي ويندا، پاڻ تي دارومدار ڪرڻ ئي ڪنهن جي قوم جي معاشي ۽ سياسي آزادي جي ??مانت آهي، ان کانسواءِ ڪا به قوم آزاداڻا فيصلا نه ٿي ڪري سگهي، بنگلاديش آءِ ايم ايف، عالمي بئنڪ ۽ ڪنهن ٻئي مالياتي اداري جي مدد کانسواءِ 6 ارب ڊالر جي ??نيادي ڍانچي جو هڪ وڏو منصوبو ٺاهيو آهي، 75 سالن ۾ پاڪستان تمام گهڻو پٺتي رهجي ويو، پاڪستان ۾ وسيلن ۽ باصلاحيت ماڻهن جي کوٽ نه آهي، واپار، معيشت، سياست، سفارتڪاري ۽ صحافت سڀني شعبن ۾ قابل ماڻهو موجود آهن، الله تعاليٰ اسان کي تمام گهڻين نعمتن سان نوازيو آهي، ريڪوڊڪ ۾ اربين ڊالر جو خزانو دفن آهي پر اڃا تائين اسان ان مان هڪ پئسو ناهي ڪمايو الٽو ڪيسن تي اربين رپيا ضايع ڪيا ويا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ نيوڪليئر طاقت آهي ۽ اها ائٽمي صلاحيت اسان جو دفاع آهي، ڪنهن جي ??لاف جارحيت جي لاءِ نه آهي ۽ ان صلاحيت اسان جي ??فاع کي مضبوط بڻايو آهي، ملڪ اڄ قرضن جي ??ار هيٺ دٻيل آهي، ترقي ۽ خوشحالي جو مقام حاصل نه ڪرڻ تي افسوس آهي، ماضي ۾ صحيح فيصلا نه ڪيا ويا، جنهن جو ملڪ کي نقصان ٿيو، حويلي بهادر شاهه ٽو 1250 ميگاواٽ جو بجلي جي پيداوار جو منصوبو آهي، اهو ٻه اڍائي سال اڳ مڪمل ٿيڻ گهرجي ها پر بدقسمتي سان جديد ٽيڪنالاجي ??و اهو منصوبو اڄ تائين پيداوار نه ڏئي سگهيو، ان جي ??ير جي ڪري نه رڳو ان جا خرچ وڌي ويا پر بجلي جي پيداوار شروع نه ٿيڻ سان ملڪ کي وڏو نقصان کڻڻو پيو آهي. وزيراعظم نواز شريف جي ??ور ۾ آمريڪا جي ڪمپني جي ??ي 3 ٻيا منصوبا هنيا ۽ ان مان پيداوار شروع ٿي وئي پر اڄ گئس نه هجڻ سبب سڄي گنجائش موجب بجلي پيدا نه ٿا ڪري سگهون، دنيا ۾ جيڪو بحران آيو ان جي ڪري توانائي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، اڳوڻي حڪومت گئس جا سستا ۽ ڊگهي مدي وارا معاهدا نه ڪيا، نواز شريف جي ??ور ۾ گئس جي ??رآمد جو 13 ڊالر تي معاهدو ٿيو هو، ان تي تنقيد ڪئي وئي، ميڊيا ۾ به ان کي اڇاليو ويو پر جڏهن اسپاٽ مارڪيٽ 3 ڊالر تي آئي ته نه ته اسپاٽ تي ايل اين جي گهرائي وئي ۽ نه ئي ڊگهي مدي وارا معاهدا ڪيا ويا، هاڻي گئس دستياب ئي نه آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ ڪوئلي جي قيمت وڌ?? سبب جينڪوز سان بجلي جي پيداوار شروع ڪرڻي پئي جيڪا 60 رپيا في يونٽ تي بجلي ٺاهين ٿا، جيڪڏهن 1250 ميگاواٽ بجلي جو اسان جو منصوبو مڪمل ٿي وڃي ها ته پوءِ مهانگي بجلي نه ٺاهڻي پوي ها، هاڻي جولاءِ کان افغانستان مان ڪوئلي جي ??رآمد شروع ٿي ويندي، جنهن سان هڪ سال ۾ 2 ارب ڊالر جي ??چت ٿيندي ۽ ڪوئلي جي ??رآمد رپين ۾ ٿيندي. وزيراعظم چيو ته گوادر جو هن ٻيو دورو ڪيو آهي، اتي امدادي رقم سان هڪ اسپتال تعمير هيٺ آهي، ان جو هيستائين رڳو 38 سيڪڙو ڪم ٿيو آهي، اهڙي طرح گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ به دير جو شڪار آهي، گوادر کي پولان ايران کان بجلي جي فراهمي لاءِ ايراني حڪومت سرحد تائين ٽرانسميشن لائين ۽ گرڊ اسٽيشن قائم ڪئي وئي آهي. 5 سال گذري ويا، پاڪستان ۾ 26 ڪلو ميٽر ڊگهي ٽرانسميشن لائين نه وڇائي وئي، ان دير جي ڪري بلوچستان جي ??وام جو احتجاج حق تي آهي، گوادر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي ??هولت به فراهم نه ڪئي وئي پر موجوده حڪومت جي قدمن جي نتيجي ۾ سيپٽمبر تائين پائيپ لائين تبديل ڪري پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڪجهه هفتا اڳ کاڄرو تيل جي کوٽ درپيش هئي، انڊونيشيا جي ??در سان کاڄرو تيل جي ??رآمد لاءِ فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، دوست ملڪن کان به ان سان رابطا ڪرايا ويا جڏهن ته صنعت واري وفاقي وزير پنهنجي ??اتي خرچ تي انڊونيشيا ويو ۽ کاڄرو تيل جي پاڪستان کي درآمد شروع ٿيڻ تائين اتي موجود رهيو. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان مشڪلاتن ۾ گهيريل آهيون، سڀني جي ??ميواري آهي ته معيشت کي ٺيڪ ڪريون، هڪ قوم جي ??يثيت سان ذاتي پسند، ناپسند کان مٿانهون ٿي ڪم ڪرڻو پوندو. ملڪ جي ??قدير بدلائڻ لاءِ اهڙا فيصلا ڪرڻا پوندا ته ڪو انهن کي بعد ۾ اچي تبديل نه ڪري سگهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته زراعت جي ??عبي جي ??رقي لاءِ آبادگارن کي سهولتون ڏنيون وينديون، روانگي واپار ۾ اضافو ۽ آمدني واپار ۾ گهٽتائي، زراعت ۽ زراعت تي ٻڌل صنعتن جي ??رقي ۽ پاڻ تي دارومدار کي حاصل ڪرڻ حڪومت جي ??ولين ترجيح آهي. 14 مهينن ۾ اسان ملڪ جي معيشت کي بهتر بڻائڻ جا ڀرپور قدم کڻنداسين، چين پاڪستان کي مالي معاونت فراهم ڪئي آهي ۽ ان سخت شرطون به ناهن لڳايون. هن چيو ته موجوده حڪومت معيشت جي ??هتري ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي جي لاءِ سپر ٽيڪس جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي ان کي اڪثريت قبول ڪيو آهي، ان سان 230 ارب رپيا جمع ٿيندا پر اهو پئسو دفتري ۽ سرڪاري خرچن تي نه پر معيشت جي ??رقي، خوشحالي، برآمدات ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي خرچ ڪيو ويندو. ان حوالي سان جلد منصوبن جو اعلان ڪنداسين. سپر ٽيڪس جو پئسو ضايع نه ٿيندو. هن چيو ته ريئل اسٽيٽ ملڪ جو حصو آهي پر سٽيبازي نه هجڻ گهرجي، جيڪڏهن تعميري ڪم ٿيندو ته حڪومت تعاون ڪندي. وزيراعظم چيو ته ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ اسان کي ٻڌائين ته ڳاڙهي ڦيٿي جي ??ڪاوٽن کي ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو. اسان ان کي هڪ مهيني ۾ ختم ڪنداسين، ان کانسواءِ پرمٽ، اين او سي، سفارش ۽ آفيسن جا چڪر ختم ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن ان سلسلي ۾ ڪانفرنس اسان جي ??هنمائي ڪندي ته اها هڪ وڏي ڪا??يا??ي هوندي. هن چيو ته چئلينج تمام وڏا آهن پر اسان سڀني کي گڏجي ملڪ کي بحران مان ڪڍنداسين، سبز باغ ڏيکارڻ جا قائل نه آهيون، 14 مهينن ۾ اقتصادي خوشحالي آڻينداسين پر اها اقتصادي خوشحالي سياسي استحڪام سان ڳنڍيل آهي ۽ سياسي استحڪام آڻڻ جي لاءِ سڀني کي تعاون ڪرڻ گهرجي، ان سان قوم کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. ڪم ڪرڻ جي نيت هجي ??ه رستا پاڻ ئي ٺهي ويندا آهن، ايندڙ نسلن جي لاءِ اسان کي بهتر پاڪستان ڏيڻو پوندو. ڪانفرنس ۾ ڏيندڙ تجويزن تي عمل ڪنداسين.
پاڻ تي دارومدار ڪرڻ ئي قوم جي سياسي ۽ معاشي آزادي جي ضمانت آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ