لنڊن -26 اپريل (اي پي پي) اسان جا موبائيل فون ٽوائليٽ ۾ ل??ل شينڪ کا?? وڌيڪ خراب ۽ جراثيمن سان آلوده ٿي سگهن ٿا، پر ان جي ڄاڻ نه هئڻ سبب اسان نه رڳو کاڌو کائيندا آهيون ۽ فون جو استعمال ڪندا آهيون ۽ اها ئي فون ٻارن کي کيڏڻ لاءِ به ڏئي ڇڏيندا آهيون. موبائيل فون جي سطح خاص طور تي ٽچ اسڪرين تي موجود نه ايندڙ بي??ٽريا ۽ جراثيمن کي مارڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 70 سيڪڙو الڪوهل وارا وائپس استعمال ڪرڻ ضروري آهي. برطانوي نشرياتي اداري جي رپورٽ موجب اسان روزانو ڪيتر??ئي ڀيرا فون کي هٿن سان ڇهندا آهيون ۽ ان کي پنهنجي چهري سان پڻ لڳائيندا آهيون ۽ اڪثر ماڻهو ٽوائليٽ ۾ وڃڻ بعد ۽ کاڌو پچائڻ کا?? اڳ يا بعد، گهر جي صف??ئي سٿر??ئي بعد باقائدگي سان هٿ ڌوئيندا آهن، پر تمام گهٽ ڏٺو ويو آهي ته موبائيل فون استعمال ڪرڻ بعد به هٿن کي ڌوتو وڃي. موبائيل فون تي بائيولاجيڪل ڪولونائيزيشن جي حوالي سان ڪيل تحقيق مان خبر پئي آهي، ته ڪيترن ئي قسمن جي بي??ٽريا مان موبائيل فون جي ڇهڻ سان ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا،جيڪي انسانن ۾ بيماري جو سبب به بڻجي سگهن ٿا. تحقيق مان اها به خبر پئي آهي، ته فون تي موجود ڪيترن ئي پيٿوجنز اڪثر عام دوائن خلاف مزاحمت رکندا آهن، يعني انهن کي روائتي دوائن سان ڪنٽرول ناهي ڪيو ويندو پر اينٽي بايوٽڪ استعمال ڪرڻو پوندو آهي، جيڪا پڻ ڳڻتي جوڳي آهي ڇاڪاڻ ته اهي بي??ٽريا چمڙي جي مسئلن، پيٽ ۽ ساهه جي انفيڪشن جو سبب بڻجي سگهن ٿا، جيڪي خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا. تحقيق مان اها پڻ خبر پئي آهي ته فون کي خاص اينٽي بي??ٽريل ڪپڙن يا اينٽي بي??ٽريل وائيپس يا الڪوهل سان صاف ڪرڻ بعد اهي جراثيم ٻيهر ان جي سطح تي اچي سگهن ٿا، جنهن جو مطلب آهي ته اسان کي فون جي باقائدگي سان صف??ئي ڪرڻ گهرجي.
موبائيل فون کي خطرناڪ جراثيمن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ان جي روزاني صفائي ضروري آهي: رپورٽ
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا