رياض-05 جولاءِ(اي پي پي) سعودي عرب ??ي پرڏيهي وزير شهزاده في??ل بن فرحان چيو آهي ته غزه پٽي ۾ في الحال جنگ بندي جا آثار نظ?? نه ٿا اچن. ميڊيا رپورٽن موجب ميڊرڊ ۾ ٿيل پرڏيهي معاملن بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته گڏيل قومن جي في??لي جي روشني ۾ سعودي عرب ??زه ۾ عالمي فوج مقرر ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿو. ان عالمي فوج جو مقصد فلسطيني اٿارٽي جي مدد ڪرڻ هوندو. شهزاده في??ل بن فرحان چيو ته غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ اسان کي روزانو اهڙا منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا جيڪي فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل کي خطرن ۾ وجهي رهيا آهن.هن چيو ته اسپين سميت ٻين يورپي ملڪن پاران فلسطيني رياست کي تسيلم ڪرڻ جا اعلان اميد جو هڪ ڪرڻو آهن. شهزاده في??ل بن فرحان چيو ته اسان کي ل??نا?? جنگ جي ڦهلجڻ جو خدشو آهي ڇاڪاڻ ته ل??نا?? ۾ ڪو به مستحڪم سياسي منظر نامو نظ?? نه ٿو اچي. هن پنهنجي خطاب ۾ ان اميد جو اظهار ڪيو ته غزه ۾ جاري جنگ ر??جڻ سان ل??نا?? ۽ اسرائيل وچ ۾ سرحدي ڇڪتاڻ ر??جڻ ۾ مدد ملندي.
غزه پٽي ۾ جنگ بندي جا آثار نظر نه ٿا اچن: سعودي پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا